اڄڪلهه عدالتن جو رويو ڪرپشن خلاف ڏاڍو سخت آهي، ڪڏهن منشيات ۽ دهشٽگردي ڪيسز ۾ اهڙو رويو هوندو هو: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ سرڪاري زمين بوگس اين او سي جي ذريعي خانگي ماڻهو کي الاٽ ڪرڻ جي جوابدارن جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون جمعي تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي مختيارڪار خادم حسين ۽ مشتاق علي ملير جي سرڪاري زمين خانگي شخص کي الاٽ ڪرڻ جو جعلي اين او سي جاري ڪيو هو احتساب عدالت پنجن سالن جي سزا ٻڌائي هاءِ ڪورٽ سزا برقرار رکي چيف جسٽس چيو ته مختيارڪار سرڪاري زمين جو نگهبان هو زمين جي محافظن 21 ايڪڙ زمين ڪنهن کي ڏيئي ڇڏي چيف جسٽس چيو ته اهڙي جرم ۾ پنج سال سزا گهٽ آهي چيف جسٽس چيو ته پنج سال سزا ڪنهن کي سوٽي يا پٿر هڻڻ تي ٻڌائي وڃي ٿي نيب جي وڪيل چيو ته زمين جي الاٽمينٽ سان 430 ملين نقصان ٿيو خادم حسين جي وڪيل چيو ته الاٽ ڪيل زمين واپس ٿي ويئي چيف جسٽس چيو ته چور پڪڙجڻ تي رقم واپس ڪري ڇڏي ٿو چيف جسٽس چيو ته چور پڪڙجڻ تي رقم واپس ڪئي وڃي ته ڇا ڏوهه ختم ٿي وڃي ٿو خادم حسين عهدو سنڀالڻ جي پنجن ڏينهن ۾ هي ڪارنامو سرانجام ڏيئي ڇڏيو چيف جسٽس چيو ته ڇو نه جوابدارن کي سزائون وڌائڻ جو نوٽيس ڏيون جوابدارن جي وڪيل چيو ته اپيلون واپس وٺي ڇڏيون ٿا عدالت سزا گهٽائي ڇڏي چيف جسٽس چيو ته اڄڪلهه ڪرپشن جي خلاف عدالتن جو رويو سخت آهي ڪڏهن منشيات، دهشتگردي ڪيسن ۾ عدالتن جو رويو سخت هوندو هو چيف جسٽس چيو ته اڄڪلهه سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ڪيس تي عدليه جو رويو اهڙو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *