اڄوڪو جلسو لاهور جو ريفرنڊم ثابت ٿيندو، جلسو ثابت ڪندو ته انقلاب اچي ويو آهي: طاهر القادري

لاهور(م.ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهرالقادري چيو آهي ته اڄوڪو جلسو لاهور جو ريفرنڊم ثابت ٿيندو، جلسو ثابت ڪندو ته انقلاب اچي ويو آهي، مينار پاڪستان تي اعلان ڪيو ويندو ته خون جو بدلو خون آهي، هو ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جي رقم نه وٺندا، هو مري ويندو پر ڊيل نه ڪندو. اسلام آباد مان لاهور روانو ٿيڻ کان اڳ ڌرڻي کي خطاب ڪندي طاهرالقادري چيو ته حق ۽ باطل جي جنگ شروع ٿي چڪي آهي، اڄوڪو جلسو ثابت ڪندو ته لاهور ڪنهن جو آهي، لاهور واسي ڌائيندا ته هو اسٽيٽسڪو چاهن ٿا يا انقلاب چاهن ٿا. طاهرالقادري چيو ته فيصل آباد کان پوءَ ٻيو وڏو جلسو لاهور ۾ ڪيو پيو وڃي، اڄ فتح ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي جو ڏينهن آهي، هاڻي گهڻو وقت لٽ مار ۽ ڪرپشن نه هلندي سگهندي. هن چيوته ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جي خون بها نه ورتي ويندي، خون جو بدلو خون هوندو، عوامي تحريڪ جا ڪارڪن مري ته سگهن ٿا پر ڊيل نه ٿا ڪري سگهن، هو خون جو بدلو بدامني ذريعي نه پر قانوني جنگ ذريعي وٺڻ چاهن ٿا. هن چيو ته ڌرڻي لاءِ اتحادين سان صلاح مشورا جاري آهن، لاهور جي جلسي ۾ حڪمت جو اعلان ڪيو ويندو، هو 21 آڪٽوبر تي واپس ڌرڻي ۾ ايندو، ان ڏينهن فتح جو جشن ملهايو ويندو. ٻئي طرف پاڪستان عوامي تحريڪ جي لاهور واري جلسي لاءِ تياريون جاري آهن، سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن، پنجاب حڪومت جلسي کي نظر ۾ رکندي ميٽرو بس سروس هڪ ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *