اڃا وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون، زرداري کي ڪرپشن بجائڻ لاءِ پارليامينٽ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان تمام جلد هڪ هفتي جو سنڌ جودورو ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام سان ملڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آصف علي زرداري کي پارليامينٽ جو فلور پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، ايندڙ 15 ڏينهن اهم آهن، ٿيل گرفتاريون آخري نه آهن، ڪنهن کي به نه ڇڏيندس، تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان سان حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپور خاص ڊويزنن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي، وزيراعظم آفيس ۾ ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير محمد ميان سومرو، ڊاڪٽر فهميده مرزا، قومي اسيمبلي جو ميمبر لال مالهي، نزهت پٺاڻ، جئي پرڪاش، صابر حسين قائمخاني، صلاح الدين، سائره بانو شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم جو خصوص معاون نعيم الحق، ارشد داد، سيف الله نيازي به موجود هو، وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران سنڌ صوبي جي مجموعي صورتحال، وفاق پاران جاري ترقياتي منصوبن ۽ صوبي جي عوام کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ملڪي معيشت جي استحڪام، سال 20-2019ع جي پيش ڪيل بجيٽ ۽ وزيراعظم پاران اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات اهم قومي مامرن تي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ ڪيل قوم کي خطاب تي وزيراعظم جي ساراهه ڪئي، جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي تڪن جي عوام کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سنڌ جي عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل احساس آهي، تمام جلد ڪجهه ڏينهن لاءِ سنڌ جو دورو ڪندس، قومي وسيلن جي لٽ مار ڪرڻ وارن جو مڪمل احتساب ٿيندو، ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن آصف علي زرداري جي گرفتاري تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته ايم ڪيو ايم کانسواءِ باقي ملاقات ڪندڙ سنڌ جي ميمبرن رڳو ڪراچي لاءِ پيڪيج ڏيڻ بجاءِ سڄي سنڌ کي ترقياتي پيڪيج ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته “ڪراچي ۽ سنڌ” وارا لفظ ۽ جملا استعمال نه ڪرڻ گهرجن، اهو سنڌ صوبي لاءِ حساس مامرو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن حيدرآباد يونيورسٽي جي قيام واري اعلان کي جلد مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ذريعن ٻڌايو ته اهڙي مطالبي تي وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد يونيورسٽي کي جلد فنڪشنل ڪيو ويندو، سنڌ جي حساسيت جو علم آهي، ان ڪري مان “ڪراچي ۽ سنڌ” وارا لفظ استعمال نه ٿو ڪريان، ذريعن مطابق ملاقات دوران وزيراعظم واضح ڪيو ته آصف علي زرداري کي قومي اسيمبلي جو فلور ڪرپشن لڪائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، اهو پنهنجي ڪيسن جو دفاع ڪورٽن ۾ وڃي ڪري، هن چيو ته ملڪ لٽڻ بعد وري هيرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، ايندڙ 15 ڏينهن اهم آهن، ٿيل گرفتاريون آخري گرفتاريون ناهن، ڪنهن به ڪرپٽ ماڻهو کي نه ڇڏيندس، هن جو چوڻ هو ته پهريان ملڪ جي خراب معاشي صورتحال ۾ ڦاٿل هئس، ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان ٻاهر ڪڍيو آهي، هاڻي باقي مسئلن تي ڌيان ڏينداسين، آصف علي زرداري کي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، ملڪ قرضن ۾ هنن ڪري ٻڏل آهي، جيڪا ٽيڪس وصولين جي رقم گڏ ٿئي ٿي ان مان اڌ رقم قرضن تي وياج جي ادائگي ۾ هلي وڃي ٿي، هوڏانهن ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته وقت اچي ويو آهي ته قوم مني لانڊرنگ ڪرڻ وارن جي حوصلا افزائي نه ڪري، مني لانڊرن قوم کي نقصان پهچايو، عوام کي غربت ۾ ڌڪيو ۽ هاڻي جمهوريت جي پويان لڪي رهيا آهن، مني لانڊرنگ ڪندڙن کي ڪو پروٽوڪول نه ملڻ گهرجي، ڪٿي قومي دولت لٽڻ وارن سان خاص ورتاءُ ڪيو ويندو آهي؟ وقت اچي ويو آهي ته مني لانڊرنگ ڪندڙن سان ڏوهارين جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *