اٿيا شيٺي ارجن ڪپور سان لاڳاپن وارا افواهه رد ڪري ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ رڳو هڪ فلم ذريعي انٽري ڏئي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ اٿيا شيٺي به ڊيٽون لڳائڻ وارن افواهن  جي ور چڙهي وئي آهي پر سندس چوڻ آهي ته ان قسم جا افواهه کيس پريشان نه ٿا ڪري سگهن، هيرو فلم جي هيروئن 23 ورهين جي اٿيا شيٺي لاءِ ڀارتي ميڊيا ۾ اهي خبرون هلي رهيون آهن ته اداڪار ارجن ڪپور سان سندس لاڳاپا جڙي ويا آهن ۽ کين ممبئي ۾ تازو ئي هڪ پارٽي ۾ گڏ ڏٺو ويو، ان حوالي سان ڀارتي خابرو ادارن سان ڳالهائيندي اٿيا چيو ته جيستائين منهنجي ڳالهه آهي ته مان اهڙن لاڳاپن بابت افواهن کي سنجيده ناهيان وٺندي، منهنجي ڪٽنب ۽ ويجهو رهندڙن کي سچ جي خبر آهي، تنهن ڪري مان انهن افواهن تي ڌيان ئي ناهيان ڏيندي، سندس چوڻ هو ته منهنجو بابا سنيل شيٺي وڏو عرصو فلم انڊسٽري ۾ رهيو آهي ۽ کيس خبر آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو مشهور ٿي ويندو آهي ته ان لاءِ اهڙيون ڳالهيون شروع ٿي وينديون آهن، اٿيا چيو ته اسان اهڙن  افواهن کي ڪابه اهميت ناهيون ڏيندا ۽ اهي افواهه اسان جي رات جي ماني واري ميز تي بحث جو موضوع ناهن بڻجندا.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *