اپوزيشن کي ڪبوتر جيان پڃري ۾ بند ڪري ڇڏينداسين: وفاقي وزير

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزيرن واضح ڪيو آهي ته اسان هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار آهيون اپوزيشن کي ايئن بند ڪنداسين جيئن ڪبوتر پڃري ۾ بند هوندا آهن مخالفن پاران خچرن ۽گڏهن جي خريد ۽ وڪري جو سلسلو جاري آهي ان کي روڪينداسين تدارڪ ڪري ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين (ن) ليگ پ پ ۽ فضل الرحمان عمران خان وانگر هڪ جلسو ڪري ڏيکارين اپوزيشن جي سياست ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان وڌيڪ اڳتي وڌندو ۽ پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي جي نتيجي ۾ ملندڙ سڃاڻپ کي برقرار رکندسين پرويز الاهي جي تازي بيان جي آجيان ڪريون ٿا اميد آهي ته حڪومت پنج سال پورا ڪندي وفاقي وزير اسد عمر ۽ خسرو بختيار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته 27 مارچ تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي تاريخي جلسو ٿيڻ وارو آهي ان تي اپوزيشن پارتين ۾ پريشاني شروع ٿي وئي آهي هن چيوت ه مخالف اهو چئي رهيا آهن ته اهو ڇو چئي ڇڏيو ته 10 لک جي ميڙ مان لنگهي وڃڻو آهي ۽ اتان ئي واپس اچڻو اهي هن چيو ته اسان جي جلسي جي اعلان سان هي پريشان ٿي ويا آهن جيڪڏهن ايترا دل جا ڪمزور هئا ته اهڙو ڪم نه ڪرڻ گهرجي ها سياست ڪمزور دل ماڻهن جي راند نه آهي. فواد چوڌري چيو ته اسان ميمبرن جي خريد ۽ وڪري جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مان اليڪشن ڪميشن کي چوان ٿو ته رات جو پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف آن رڪارڊچئي ڇڏيو آهي ته هو هارس ٽريڊنگ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايئن لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي مسلم ليگ (ن) جي نظر لڳي وئي آهي جو کين صرف پي ٽي آئي نظر اچي ٿي مسلم ليگ (ن) جي خلاف ڪوئي ايڪشن نه پيو وٺي هن چيو ته مخالفن پاران هي جيڪا هارس ٽريڊنگ ٿي رهي آهي هي جيڪو خچرن ۽ گڏهن جي خريد ۽ وڪري جو سلسلو جاري آهي ان کي روڪينداسين هي اپوزيشن جي سياست جا آخري ڏينهن آهن مخالف پکين وانگر پنهنجن پڃرن ۾ بند آهن. سڌسماءَواري وفاقي وزير اپوزيشن کي پي ٽي آئي جهڙو وڏو عوامي جلسو ڪرڻ جو چئلينج ڏيندي چيو ته (ن) ليگ پ پ ۽ فضل الرحمان عمران خان وانگر هڪ جلسو ڪري ڏيکارين فضل الرحمان چوي ٿو ته اسان لانگ مارچ ڪنداسين مدرسن جي ٻارڙن جي ٽيڪ تي لانگ مارچ ناهي ٿيندو قيدين وانگر جلسا ناهن ٿيندا مرد ٿيو ۽ رضاڪاراڻا عوامي جلسا ڪري ڏيکاريو. فواد چوڌري چيو ته پرويز الاهي هاڻي جيڪو بيان ڏنو آهي مان ان جي آجيان ڪيان ٿو. ان کان علاوه اسان کي اميد آهي ته اسان جي ٻينا تحادين پاران اسان کي جيڪو مينڊيٽ حاصل آهي ان جو سلسلو جاري رهندو ۽ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. چوڌري پرويز الاهي جي بيان بابت اسد عمر چيو ته هو اسان جو اتحادي آهي پر ان جي پنهنجي الڳ سياسي پارٽي ۽ سڃاڻپ به آهي هو پنهنجي انفرادي سياست به ڪري ٿو پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪري ٿو ۽ اوهان ان جو تازو بيان پڙهي ورتو هوندو جنهن ۾ هن اها ئي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا ڳالهه هر پاڪستاني ڪري ٿو ته وزيراعطم هڪ ايماندار ليڊر آهي ۽ حڪومت سان گڏ بيٺا آهن ان سان گڏ هن اها به ڳالهه ڪئي آهي ته سمورا فيصلا اتحادين سان صلاح مشوري سان ڪيا وڃن ته بهتر آهي. ان جي ڳالهه بلڪل ٺيڪ آهي ان جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اسان ان سان اتفاق ڪيون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *