اپوزيشن کي پنهنجي ۽ پوليس جي تونائي ضايع نه ڪري ڪرڻ جو مشورو،  مولانا بلاول کي بھ پاڻ سان وٺي اچي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (م.ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان اڪيلو اسلام آباد نه اچي پر بلاول کي به پاڻ سان گڏ وٺي اچي، اپوزيشن کي مشورو آهي ته پنهنجي ۽ پوليس جي تونائي ضايع نه ڪري، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان سرحد تي جيو فنسنگ جو عمل جاري آهي.جمعي تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران اپوزيشن تازي دهشتگردي جي واقعن جو معاملو اٿاريو ۽ مطالبو ڪيو ته گهرو وزير ايوان ۾ پيش ٿي ايوان کي اعتماد ۾ وٺي. اپوزيشن جي مطالبي تي گهرو وزير شيخ رشيد ايوان ۾ پهچي ويو جنهن کان پوءِ سينيٽ چيئرمين سومر تي هن معاملي تي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. شيخ رشيد ايوان اندر مولانا عبدالغفور حيدري جي بيان تي جواب ۾ چيو ته مولانا فضل الرحمان اڪيلو اسلام آباد نه اچي بلاول کي به پاڻ سان گڏ وٺي اچي. اپوزيشن کي مشورو آهي ته توانايون ضايع نه ڪري نه ئي پوليس جي توانائي ضايع ٿيڻ ڏئي.گهرو وزير ايوان کي ٻڌايو ته افغان سرحد پار کان ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سرحد تي جيو فنسنگ جو عمل جاري آهي. افغان سرحد تي صرف 20 ڪلو ميٽر جڏهن ته ايران بارڊر تي 200 ڪلو ميٽر تي جيو فنسنگ جو ڪم باقي آهي. گهرو وزير ايوان کي آگاهي ڏني ته 18 تاريخ تي اسلام آباد ۾ وفاقي پوليس جو اهلڪار شهيد ٿيو. ٽي ٽي پي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي. ٽي ٽي پي جا 2 ماڻهو ڪٿي ڪٿي ترسيا ۽ ڇا ڇا کاڌو اهو نٿو ٻڌائي سگهان.اپوزيشن طرفان قانونسازي تي اعتراض سامهون اچڻ تي حڪومتي وزير ۽ اڳواڻن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سينيٽ ۾ ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته هن ايوان جو ڪم قانونسازي ڪرڻ آهي، عوام ڏسي ته اپوزيشن قانونسازي جي رستي ۾ رنڊڪ بڻيل آهي. جنهن کان پوءِ سينيٽ چيئرمين اجلاس سومر جي ٻنپهرن جو اڍائي وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *