اپوزيشن کي شيطان سان اتحاد ڪرڻو پيو تھ بھ ڪندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد چيو آهي ته آزادنه ۽ شفاف چونڊن بنا ملڪ ۾ جمهوريت جو تصور نه آهي، حڪومت چونڊ سڌارن تي ڪم ڪري رهي اهي، اپوزيشن معاملي تي سنجيده نظر نه پئي اچي اپوزيشن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين. شهبازشريف جي ڪيسن جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿئي ته هو جلد جيل ۾ هوندو. ماضي ۾ سياسي ڀرتين جي ڪري ادارن کي نقصان ٿيو. آرٽيڪل 190 تحت سپريم ڪورٽجيف يصلن تي عملدرامد جا پابند آهيون گردشي قرضن جو حجم 450 ارب کان گهٽجي 150 ارب رپيا ٿي ويو آهي پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرسپ تحت 688 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون روس سان توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پرڏيهي وزير برطانوي هم منصب کان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو ڀارت طرفان افغان سرگرمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪيو ويو پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن افغانستان ۾ حڪومت ٺاهڻ افغان عوام جو حق آهي افغان عوام جي جوڳي مدد لاءِ پرعزم آهيون اڱاري تي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪابينه اجلاس تي ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته دعاگو آهيان ته افغانستان ۾ امن جو سج جلد اڀري. هن چيو ته ڪابينه افغان عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪيو آهي. افغانستان ۾ حڪومت ٺاهڻ افغان عوام جو حق آهي، هن چيو ته اميد آهي ته افغان عوام جي 40 سالن جي ڏکن جا زخم جلد ختم ٿي ويندا هن چيو ته پي  آئي اي واحد ايئرلائين آهي جنهن مزار شريف ۾ امدادي سامان پهچايو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پرڏيهين جي انخلا ۾ گهڻي کان گهڻي مدد ڪئي وڃي چوڌري فواد چيو ته سمورن خواهشمند پاڪستاني گهراڻن کي ڪابل ۽ ڀرپاسي مان ڪڍيو ويو آهي هن وقت تائين 10 هزار 302 پرڏيهي شهرين جي افغانستان مان انخلا ۾ مدد ڪري چڪا آهيون وفاقي وزير چيو ته افغانستان مان عالمي تنظيمن جي اهلڪارن جي انخلا ۾ پاڪستان جي مدد کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي چمن بارڊر تي معمول جون تجارتي سرگرميون جاري آهن. وفاقي وزير چيوت هڪابينه اجلاس ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين جي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل عملدارن کي ايل پي جي سلينڊر جي قيمت گهٽائڻ جي هدايت ڪئي آهي هن چيو ته چونڊسڌارن تي بحث هڪ بنيادي بحث آهي، فواد چوڌري چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهي ونت ه اپوزيشن سان چونڊ سڌارن تي ڳالهيون اڳتي وڌن بدقسمتي سان اسان جي اپوزيشن جي ماڻهن کي سدائين مخالفت ڪرڻي اهي ۽ جيڪڏهن شيطان سان اتحاد ڪرڻو پيو ته اهو به ڪري وٺندا. هن چيو ته شهبازشريف ۽ بلاول ڀٽو هن وقت تائين چونڊ سڌارن کي پڙهڻ جي ضرورت محسوس ناهي ڪئي هي غير سنجيده رويو آهي نه انهن ڊيولپمينٽ اٿارٽي کي پڙهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ ان تي هڪ بحث شروع ڪري ڇڏيو ۽ چونڊ سڌارن جو به ساڳيو معاملو آهي. هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر ڪم ڪندڙ پورهيت طبقي کي ڪڏهن به ڪنهن حڪومت ايتري اهميت ناهي ڏني جيتري عمران خان جي حڪومت ڏئي رهي آهي ۽ مختلف ڏوهن جي ڪري ٻاهرين ملڪ جيلن ۾ موجود 16 هزار 272 ماڻهو هن وقت تائين پاڪستان واپس آندا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت چونڊن جو طريقيڪار شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ چاهي ٿي هن چيو ته حڪومت اورسيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ خاص قدم کنيا وفاقي وزير چيو ته روس سان توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. پرڏيهي وزير برطانوي هم منصب کان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مانڪڍڻ جو مطالبو ڪيو هن چيو ته گذريل ڏينهن 14 لک ماڻهن کي ڪرونا ويڪسين لڳائي وئي 17 سالن جي عمر تائين جي ٻارڙن کي به ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اين سي او سي جي ڪرونا وبا کي منهن ڏيڻ وارن قدمن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڪابينه کي اي اليون سيڪٽر ۾ حددخليون ختم ڪرڻ لاءِ قدم جي حوالي سان به بريف ڪيو ويو سيڪٽر اي اليون ۾ سي ڊي اي جي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته اجلاس ۾ ڪابينه ڪميٽي جي 25 آگسٽ جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي جي 20 آگسٽ جي فيصلن جي به توثيق ڪئي وئي ڪابينه ڪميٽي قانونسازي جي 25 آگسٽ جي فيصلن جي به توثيق ڪئي وئي ڪابينه اجلاس کي جون 2021 تائين جي گردشي قرضن تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينه کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل ملز کي خانڳائڻ لاءِ اشتهار ڏنو ويوآهي. هن حڪومت پي آئي اي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي بهتري لاءِ اثرائتا قدم کنيا آهن. هن چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ ڪراچي پورٽ تان 43 ارب ڪمائي ٿي هن چيو ته نون افغان عملدارن افغان سرزمين ڪنهن ٻئي مڪ جي خلاف استعمال جي اجازت نه ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته ڀارت طرفان افغان سرگرمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته ماضي ۾ سياسي ڀرتين سبب ادارن کي نقصان ٿيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڀرتين لاءِ ميرٽ پاليسي آندي آهي، هن چيو ته پارليامينٽ جو گڏيلاجلاس پنهنجي وقت تي ٿيندو. هن چيو ته افغانستان مان ايندڙ 155 آمريڪين مان هن وقت صرف 42 پاڪستان۾ آهن ٻيا واپس هليا ويا آهن. ٻيا به ٻن ڏينهن ۾ هليا ويندا. طورخم ۾ هن وقت تائين ويزا تي 2421 ماڻهو آيا آهن جڏهن ته چمن ۾ ويزا جي ذريعي 10 ماڻهو هن وقت تائين پاڪستان آيا آهن. هن چيو ته طورخم مان ايندڙن ۾ 821 افغان ۽ 1570 پاڪستاني آهن، جيڪي پاڪستاني افعانستان ۾ هئا. ۽ نڪرڻ چاهين پيا انهن سمورن کي ڪڍي ورتو آهي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان مان پرڏيهي مبصرن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *