اپوزيشن پويان ڪيترائي پرڏيهي هٿ آهن، ميمبرز کي 18-18 ڪروڙ آڇيا ويا: عمران خان

اسلام آباد(م.ڊ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن پويان هڪ نه پر ڪيترائي پرڏيهي هٿ آهن، ميمبرز کي 18-18 ڪروڙ آڇيا ويا، حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي، بي اعتمادي رِٿ بعد وڌيڪ سگهارا ٿينداسين، يو ٽيوبر ز سان ڳالهائيندي وزير اعظم چيو ته جيڪي آزاد پرڏيهي پاليسي ڏسڻ نٿا گهرن، اُهي اپوزيشن جي حمايت ڪن ٿا، فوج پاڪستان سان گڏ بيٺي آهي، اُها ڪڏهن به چورن جو ساٿ نه ڏيندي، هن وقت مائينڊ گيم هلي رهي آهي ۽ آئون پاڻ مائينڊ گيم جو ماسٽر آهيان، وزير اعظم چيو ته هي گوڙ اجايو ناهي، هر پاسي پيسو هلي رهيو آهي مون ميمبرن کي چيو ته پيسا وٺو ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو. هن چيو ته  عثمان بزدار سافٽ ٽارگيٽ آهي، آئون جهانگير ترين کي سڃاڻان ٿو، هو چورن سان گڏ نه ملندو، اپوزيشن سان گڏ عوام نه آهي ته هاڻي چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ اسان سان گڏ آهي، نومبر ڪافي پري آهي، جڏهن وقت ايندو ته فيصلو ڪنداسين.  آئون خوش آهيان ته هي اپوزيشن جي آخري واردات هوندي، اهڙي شڪست ڏينداسين جو 2028ع تائين نه اُٿي سگهندا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *