اپوزيشن پاناما ليڪس معاملي تي وزير اعظم لاءِ 7 سوال تيار ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) اپوزيشن پاناما ليڪس معاملي تي وزير اعظم لاءِ ست سوال تيار ڪري ڇڏيا آهن، جن جا جواب جمعي جي ڏينهن ٿيندڙ اسيمبلي اجلاس ۾ طلب ڪيا ويندا، خابرو ادارن موجب اپوزيشن پارٽين جو گڏيل اجلاس اعتزاز احسن جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس کانپوءِ شاهه محمود قريشي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي سهولت لاءِ سئولا سوال تيار ڪيا آهن، جيڪي پهرين ئي ٻڌائي رهيا آهيون، جيئن جمعي تي وزير اعظم پارليمينٽ ۾ اچي ته سرپرائيز نه ٿي، اعتزاز احسن وزير اعظم کان پڇيو ته هو مي فيئر فليٽن بابت وضاحت ڏي، وزير اعظم پارليمينٽ ۾ 16 ۽ 16 اي، 17 ۽ 17 اي مي فيئر فليٽن بابت وضاحت ڏي ۽ ٻڌائي ته کيس، سندس گهر وارن ۽ ويجهن کي مي فيئر فليٽن ۾ ڪهڙي دلچسپي آهي، جڏهن ته ان فليٽن جي خريداري لاءِ ادا ڪيل پئسن تي ڪيترو ٽيڪس ادا ڪيو ويو، اهي ڪڏهن خريد ڪيا ويا ۽ خريداري جا ذريعا ڪهڙا آهن، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن وزير اعظم جي ملڪيت نه آهي ته پوءِ انهن بيانن جي وضاحت ڪري جيڪي مختلف وقتن ۾ ان فليٽن بابت ڇپيا، وزير اعظم ٻڌائي ته 10 اپريل 2000ع تي برطانيا جي اخبار گارڊين ۾ شائع ٿيندڙ ڪلثوم نواز جي بيان بابت ڇا چوندو، جنهن ۾ هُن فليٽن جي ملڪيت قبول ڪئي آهي، برطانوي اخبار انڊيپينڊنٽ ۾ 19 آڪٽوبر 1998ع ۾ شائع ٿيندڙ خبر هئي ته وزير اعظم جو خاندان نيسڪول ۽ نيسڪون جا مالڪ ٻڌايا ويا، ان خبر جي ڇا حيثيت آهي، گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار بيان ڏنو هو ته وزير اعظم اهي فليٽ 1993ع ۾ خريد ڪيا ها، اعتزاز احسن سوال ڪيو ته وزير اعظم 1985ع کان 2016ع تائين پرڏيهه ۾ ٺاهيل ملڪيت، اڪائونٽن ۽ آف شور ڪمپنين بابت ٻڌائي ۽ ان لاءِ رقم ڪهڙي ذريعن کان حاصل ٿي ۽ ڪهڙي ريت پرڏيهه منتقل ڪي وئي، ان جي به وضاحت ڪري، پارليمينٽ اجلاس دوران وزير اعظم ۽ سندس گهر وارن جي جمع ڪرايل ٽيڪس جي تفصيل به ٻڌائي وڃي، سندس چوڻ هو ته وزير اعظم ان ست سوالن جي تياري ڪري اچي، جمعي جي ڏينهن ايندڙ وزير اعظم کي سرپرائيز نٿا ڏيڻ چاهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *