اپوزيشن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، ڪاميابي جي بھ دعويٰ

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) اپوزيشن وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، تحريڪ عدم اعتماد جمع ڪرائڻ جو فيصلو مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، شاهده اختر علي، مريم اورنگزيب، خواجا سعد رفيق، شازيه مري، نويد قمر، راڻا ثناءُ الله ۽ اياز صادق قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پهتا، مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ن ليگ قيادت سمورن ميمبرن کي ايندڙ 20 ڏينهن اسلام آباد ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي،   ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ قيادت پنهنجي ميمبرن کي چيو ته ايندڙ 3 هفتا انتهائي اهم آهن ان ڪري اسلام آباد مان غير حاضري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شهباز شريف چيو ته بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ حڪومت جي تاريخي شڪست هوندي، گڏيل اپوزيشن قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد لاءِ نمبر پورا هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن جا 161 ميمبر آهن ۽ اپوزيشن تحريڪ انصاف جي 28 ۽ هڪ اتحادي پارٽي جي حمايت جي دعويٰ ڪئي آهي ذريعن موجب اپوزيشن جي دعويٰ آهي ته (ن) ليگ سان تحريڪ انصاف جا 16، پيپلزپارٽي جا 4 ۽ جي يو آئي سان 2 حڪومتي ميمبر آهي پي ٽي آئي جا وڌيڪ 6 قومي اسيمبلي ميمبر (ن) ليگ سان رابطي ۾ آهن ذريعن مطابق اپوزيشن 197 کان 202 قومي اسيمبلي ميمبرن جي حمايت جي دعويٰ ڪئي آهي ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي 28 ميمبرن جا نالا وزيراعطم جي علم ۾ آهن واضح رهي ته اپوزيشن وزيراعطم جي خلاف بي اعتمادي رٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *