اپوزيشن وارا ڪورونا کي روڪڻ لاءِ ڪوبه سهڪار نٿا ڪن: عمران خان

سيالڪوٽ (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪرڻ تي حڪومت مٿان تنقيد ڪندڙ هاڻي پاڻ جلسا ڪري رهيا آهن. سيالڪوٽ ۾ واپارين کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪورونا جي ڦهلاءُ جو ذميوار اپوزيشن جي جلسن کي قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو آهي ته اپوزيشن وارا ڪورونا کي روڪڻ لاءِ ڪوبه سهڪار نٿا ڪن، سندن جلسن سبب ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڪورونا پکڙجي رهيو آهي. وزيراعظم چيو آهي ته عوام کي اپوزيشن جي جلسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ گهرجي، احتياط سان صنعت ۽ عوام جي زندگين کي بچائي سگهجي ٿو. عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ جيڪي علائقي پٺتي رهجي ويا اُنهن علائقن ۾ ترقي آڻينداسين، ملڪي دولت وڌڻ کانسواءِ ماڻهن کي غربت مان نٿا ڪڍي سگهون. وزيراعظم وڌيڪ چيو آهي ته چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، سي پيڪ جي ذريعي چيني حڪومت هاڻي ملڪ جي اولهه واري حصي کي مٿي آڻڻ چاهي ٿي. عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ نئون بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ميٽروپوليٽن سٽي جو نظار به متعارف ڪرائيندسين، اپريل کانپوءِ ڊائريڪٽ ميئر جون چونڊون ڪرائينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *