اپوزيشن وارا پاڪ فوج کي چئي رهيا آهن ته چونڊيل حڪومت ڪيرايو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته اپوزيشن وارا پاڪ فوج کي چئي رهيا آهن ته چونڊيل حڪومت ڪيرايو، ملڪ معاشي مسئلن مان نڪري لڳو ته پي ڊي ايم وارا ٻيهر سرگرم ٿي ويا، شڪ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ به رُخنو وجهندا، پر کين ڪاميابي نه ملندي، اپوزيشن پهرئين پي ٽي آءِ حڪومت کي نااهل قرار ڏنو، اُنهن گڏجي چيو ته اين آر او ڏيان، نه ته حڪومت هلڻ نه ڏيندا، هاڻي پريشان آهن ته نااهل قرار ڏنل حڪومت ۾ گروٿ ريٽ ڪيئن وڌي ويو، پي ڊي ايم وارا ملڪ ۽ قوم لاءِ نه، پر ذاتي مفادن لاءِ نڪري رهيا آهن، اُهي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ نڪتا آهن ۽ سمجهن ٿا ته بليڪ ميل ڪري ڪامياب ٿي ويندا، قوم پي ڊي ايم جي پويان نه لڳندي، لائيو ڪالز دوران وزيراعظم چيو تھ ماحولياتي تبديلي سبب پاڻي گهٽجي ويو ته صوبن جي حصي ۾ ڪٽوتي ٿي، حيرت آهي ته پاڻي جي پيمائش لاءِ ٽيليميٽري سسٽم اڃا تائين ڪم نٿو ڪري، موجوه حڪومت ٽيلي ميٽري سسٽم تي ڪم ڪري رهي آهي، جلد سسٽم لڳي ويندو، پاڻي ورڇ جو نظام اهڙو هجڻ گهرجي جو سمورا صوبا سمجهن ته کين پورو حصو مليو آهي، صوبن ۾ به پاڻي جي ورڇ جو تمام وڏو مسئلو آهي، غريب هارين ۽ آبادگارن جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، غريب هارين جو پاڻي طاقتور چوري ڪن ٿا، سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته صوبي ۾ غريب هارين تائين پاڻي پهچائي، رينجرز جون خدمتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، سڄي ملڪ ۾ پاڻي جو مسئلو آهي.  وزيراعظم عمران خان ڀارت سان لاڳاپن جي بهتري کي ڪشميري شهيدن جي رت سان غداري قرار ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان سڌي ريت شهرين جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ گفتگو به ڪئي. هن چيو ته اسان ڪشميرين سان گڏ آهيون، هن وقت ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ڪشميري شهيدن جي رت سان غداري هوندي، ڀارت 5 آگسٽ 2019 جو قدم واپس وٺي ته ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، فلسطين مسئلو به ڪشمير جهڙو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير جي سڃاڻپ تبديل ڪري رهيو آهي ۽ اهو ئي ڪم اسرائيل به ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هر ڏکيائي کانپوءِ سولائي آهي، محنت سان انسان مٿي ويندو آهي، اسان کي ڏکئي وقت ۾ حڪومت ملي، ڪڏهن به ڪنهن حڪومت کي ايڏا مسئلا نه مليا، جيڏا اسان کي مليا، قوم کي پهرئين ڏينهن ئي چيو هو ته ڏکئي وقت مان گذرڻو پوندو، مهانگائي ۽ بيروزگاري، ماڻهن جا اهي ٻه ئي مسئلا آهن. وزيراعظم اپوزيشن جماعتن تي تنقيد ڪندي چيو ته سڄي اپوزيشن گهٻرائي ان ڪري گڏ ٿي آهي، ڇو ته انهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي حڪومت مالي بحران مان ڪيئن نڪري آئي، پي ڊي ايم پنهنجي مقصد ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي، اپوزيشن ڪنهن نظريي لاءِ نه پر ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ گڏ ٿي آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڻي جو مسئلو سڄي ملڪ ۾ آهي، اسان جي حڪومت 10 ڊيم ٺاهي رهي آهي، الميو آهي ته جيڪي ڊيم 50 سال اڳ ٺهڻ گهرجن ها اهي هاڻ ٺهي رهيا آهن، صوبن جي حصي ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٿي رهي آهي، صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ٿيڻ گهرجي، صوبن اندر پاڻي جي ورڇ جو وڏو مسئلو آهي، غريب آبادگارن وٽ پاڻي ان ڪري ناهي پهچندو، ڇو ته انهن جو پاڻي چوري ڪيو ويندو آهي، طاقتور پنهنجي زمين ۾ پاڻي کڻي ويندو آهي ۽ ڪمزور جي زمين سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندي آهي، ڪمزور ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. فلسطين جي حوالي سان دنيا ۾ شعور پيدا ٿي رهيو آهي، فلسطين جو مسئلو به ڪشمير وانگر آهي اتي به انهن جي زمينن تي قبضو آهي, فلسطين جو مسئلو به ڪشمير وانگر آهي اتي به ان جي زمينن تي قبضو آهي جڏهن ته ڪشمير ۾ هاڻي شروع ٿيو آهي جتي ان جي زمينن جي ملڪيت تبديل ڪري رهيا آهن يعني ٻاهران آڻي ڪشمير ۾ ماڻهن کي آباد ڪيو پيو وڃي هن چيو ته اهڙي طرح فلسين ٿورڙو رهجي ويو آهي، باقي سڄي تي پنهنجا ماڻهو آڻي اباد ڪيو ۽ قبضو ڪري ورتو آهي فلسطين ۾ ماڻهن کي ڊيڄاريو وڃي ٿو ڇو ته انهن وٽ طاقت ۽ فوج آهي پر اهو حل نه آهي اهي سمجهن ٿا ته اسان ايترو ظلم ڪنداسين ته اهي خاموشي سان غلام بڻجي ويندا سڀني کي پتو آهي ته هي مسئلي جو حل نه آهي وزيراعظم چيو ته ٻه حل آهن يا ته وري هي ان کي جهڙي طرح مسلمان يهودين کي اڄ کان پنج ڇهه سال پهريان اسپين مان سڀني کي ڪڍي ڇڏيو هو، نسلي بنيادن جو خاتمو ڪيو ويو هو يا ته هي اهو ڪم ڪندا هن چيو ته اهو جيڪو سڄي دنيا ڏسي رهي آهي دنيا ۾ پهريون ڀيرو شعور آيو آهي سوشل ميڊيا جي ڪري آمريڪا جهڙي جڳهه تي پهريون ڀيرو ماڻهو شروع ٿي ويا آهن ته فلسطين ۾ ماڻهن تي ظلم ٿي رهيو آهي اولهه ۾ ايئن نه چيو ويندو هو ته ان لاءِ اهو ته نٿو ٿي سگهي يا وري ان کي ٻه رياستي حل ڪڍڻو پوندو يعني فلسطينين کي منصفاڻو گهر ڏيڻو پوندو منهنجي خيال ۾ هن وقت بين الاقوامي ميڊيا ۽ دنيا ۾ جيڪو شعور ۽ جهڙي قسم جي تحريڪ هلي پئي آهي هي تحريڪ فلسطينين کي هڪ حل ڏيڻ طرف ويندي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن بليڪ ميل ڪري ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائڻ چاهي ٿي پي ڊي ايم پنهنجا مقصد حاصل نٿي ڪري سگهي عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته اپوزيشن جو مقصد صرف ذاتي آهي، هي ماڻهو چاهين ٿا ته حڪومت کي بليڪ ميل ڪري ڪرپشن ڪيس ختم ڪيا وڃن ڇو ته انهن ڪرپشن ڪري عوام جو پئسو چوري ڪيو جيڪو ماڻهو سائڪلن تي هئا اڄ اهي لينڊ ڪروزر تي اچي ويا آهن جن جي سائڪلن جا دڪان هئا اڄ اهي لنڊن جي مهانگي علائقن ۾ رهي رهيا آهن جيڪڏهن انهن جو مقصد عوام هجي ها ته هن وقت تائين هي حڪومت ڪيرائي چڪا هجن ها هن چيو ته ملڪ صحيح رخ ۾ لڳي چڪو آهي اپوزيشن سمجهي ئي نه رهي هئي ته حڪومت معاشي ڏکيائين مان نڪرندي هاڻي هي بجيٽ ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪندا پر هي ڪامياب نه ٿيندا قوم اپوزيشن جي چوري بچائڻ ۾ ان جو ساٿ نه ڏيندي. وزيراعظم عمران خان صوبن جي اندر پاڻي جي ورڇ جو تمام وڏو مسئلو قرار ڏيندي چيو ته صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ٿيڻ گهرجي سڄي پاڪستان ۾ پاڻي جو مسئلو آهي اسان جي حڪومت 10 ڊيم ٺاهي رهي آهي آچر تي سنڌ ۾ پاڻي جي مسئلي جي حوالي سان وزيراعطم چيو ته سڄي پاڪستان ۾ پاڻي جو مسئلو آهي اهو الميو آهي ته جيڪو ڊيم 50 سال اڳ ٺهڻ گهرجي ها اهو هاڻي ٺهي رهيو آهي صوبن جي حصي ۾ پاڻي جي کوٽ اچي رهي آهي صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ٿيڻ گهرجي ڪمزور غريب هاري وٽ پاڻي نٿو پهچي ان جو پاڻي چوري ٿي وڃي ٿو طاقتور پنهنجي زمين ۾ پاڻي وهائي ٿو ۽ ڪمزور جي زمين پاڻي سان ڀرجي نٿي سگهي ڪمزور ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري اهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *