اپوزيشن ليڊر رمانڊ تي پوليس حوالي، ايس ايس کي سامهون قتل جي ڪوشش ڪئي وئي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (م.ڊ) ملير ۾ ننڍي چونڊ دوران گرفتار ٿيل اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ اڄ کيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت طرفان حليم عادل شيخ کي 3 ڏينهن لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو، خرم شير زمان سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ عدالت پهچي ويو، ملير جَي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي سرڪار جِي مدعيت ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ 40 کان 50 اڻڄاتل جوابدار به نامزد، ڪيس ۾ دهشتگردي، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ هوائي فائرنگ جا قلم شامل، پوليس موجب حليم عادل شيخ جِي هدايت تي سندس ساٿين فائرنگ ڪئي، جنهن سان علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، حليم جَي حامين پوليس اهلڪارن کي تشدد ڪيو ۽ سندن ورديون ڦاڙي ڇڏيون، پوليس جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ جي ساٿين خلاف آرمز ايڪٽ تحت الڳ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، بڪتر بند گاڏي ۾ حليم  عادل شيخ کي عدالت  آندو ويو، ان موقعي تي صحافين سان مختصر ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته گذريل ڏينهن مونکي ايس ايس پي جي سامهون قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بلاول جي چوڻ تي مراد علي  شاهه قتل ڪرائڻ چاهي ٿو، انهن چورن جو خاتمو اسان جي هٿان ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *