اپوزيشن حڪومتي قانونسازي جي ڀرپور نموني رستا روڪ ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پارليامينٽ ۾ اپوزيشن پارٽين حڪومت پاران قانون سازي لاءِ اڄ اربع تي سڏايل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي حوالي سان حڪمت عملي طئي ڪري ورتي ذريعن موجب پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ شهبازشريف جي صدارت ۾ گڏيل اپوزيشن اڳواڻن جو اهم صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيد خورسيد شاهه، يوسف رضا گيلاني، مولانا اسعد، شاهد خاقان عباسي ۽ خواجه آصف سميت اپوزيشن جا ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجالس لاءِ حڪمت عملي طئي ڪندي اهو عزم ڪيو ته پوري طاقت سان حڪومت پاران ٿيندڙ قانون سازي جو رستو روڪينداسين اجلاس ۾ اتفاق ڪيوويو ته سموريون اپوزيشن پارٽيون پنهنجي پنهنجي پارليامينٽ ميمبرن جي 100 سيڪڙو حاضري يقيني بڻائينديون اجلاس ۾ شهبازشريف چيو ته ملڪ تي معاشي زوال ۽ عوام کي مهانگائي ۾ مبتلا ڪندڙ ظالم حڪومت ڪارن قانونن سان زندگي نٿي ماڻي سگهي حڪومت ڪرندڙ ديوار آهي. سهارا ان کي بچائي نٿا سگهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *