اپوزيشن جي ڀيٽ ۾ حڪومت ڪرڻ ڏاڍو سولو ڪم آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني اجلاس جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن ڪابينا ۾ غير چونڊيل ماڻهن جي شموليت تي وزيراعظم اڳيان شڪايت ڪئي . وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي ۾ ٿيو جنهن ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر، اڳوڻي صحت واري وزير عامر ڪياني ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير  فواد چوڌري شرڪت نه ڪئي. ذريعن موجب ڪابينا ۾ غيرچونڊيل ماڻهن جي شموليت تي ميمبرن وزيراعظم سان خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته مخالف ڌر چوي ٿي ته غيرچونڊيل ماڻهو اچي ويا آهن، حڪومتي پاليسين ۾ عوام جي نمائندن جو ڪو به ڪردار نظر نه پيو اچي،  پارليامنٽ ۾ اهل ماڻهو موجود آهن تنهنڪري غير چونڊيل ماڻهن کي اڳتي اچڻ قبول ڪرڻو جوڳو عمل ناهي، اسان مخالف ڌر کي پاڻ تنقيد ڪرڻ جو موقعو ڏئي رهيا آهيون. اسيمبلي ميمبرن جي شڪايت تي وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو آهي،  پنهنجن فيصلن جي ذميواري کڻان ٿو، اوهان جا خدشا پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهن پر ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پوندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *