جيل ڀري ڇڏينداسين پر حڪومت کي نه مڃينداسين: گڏيل مخالف ڌر جو اعلان

لاهور/ڪراچي/پشاور/ڪوئيٽا(نمائندن وٽان/م.ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته اسان حڪومت خلاف بغاوت جو علم کڻي رهي آهيون، هن وقت ڪجهه قانون نه پر پورو آئين نشاني تي آهي،  هڪ سياسي پارٽي سمورا مسئلا حل نه ٿي ڪري سگهي، اسان ان فراڊ اليڪشن ۽ جعلي حڪومت کي نه ٿا مڃون.ڪراچي ۾ اپوزيشن پارٽين جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته 25 جولاءِ تي اسان تي سليڪٽيڊ حڪومت مڙهي وئي، اسان سياسي پارٽين جي پنهنجي پنهنجي سوچ آهي ۽ ماضي ۾ اسان پنهنجي ويڙهه به وڙهي آهي پر اسان سڀئي محب وطن پاڪستاني آهيون.هن چيو ته جڏهن به جمهوريت خطري ۾ پئي اسان گڏجي وڙهياسين، اڄ به نظر اچي رهيو آهي ته جمهوريت خطري ۾ ۽ پاڪستان جي مئلن جو حل ڪا هڪ پارٽي اڪيلي نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ اسان ٻيهر عوام جي جمهوري ۽ معاشي حقن جي لاءِ متحد ٿي چڪا آهيون. بلاول چيو ته هن وقت سياستدان ئي نه پر سياست نشاني تي آهي، ميڊيا جي آزادي به نشاني تي آهي، انساني حقن، غريب، مزدور، واپار ۽ مظلوم نشاني تي آهي، هن وقت غريبن کي گهر ڏيڻ جي نالي تي غريبن جا گهر به نشاني تي آهن، هن وقت وفاق ۽ آئين نشاني تي آهي  پشاورجي رنگ روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل رحمان چيو ته اسان جيل ڀري ڇڏينداسين پر حڪومت نه مڃينداسين، هن چيو ته 25 جولائي تي ٿيل چونڊون جعلي هيون، هاڻي پوري ملڪ ۾عمران خان سليڪٽڊ نه رجيڪٽڊ آهي،  جلسي کي خطاب ڪندي اين اين پي جي اسفند يار ولي چيو ته پوري اپوزيشن هن کي ڪڍڻ لاءِ اسلام آباد ويندي،  پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سليڪٽڊ وزير اعظم نئين پاڪستان جي نالي تي ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. ماڊل ٽائون لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪارڪنن  کي نواز شريف  جو سلام پيش ڪيان ٿو لاهور وارئو! نڪرو ۽ گڏجي ووٽ جي ڌاڙي جو حساب وٺو، اچو مون سان گڏ هلو. شهباز شريف چيو ته اسان حساب وٺنداسين اسپتالن ۾ دوائون ڇو ختم ڪيون ويون غربت ڪيئن وڌي مهانگائي ڇو ٿي، سليڪٽڊ نئين پاڪستان جي نالي تي ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، عوامي خدمت جي بدلي سر به هليو وڃي ته پرواهه ناهي. مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته نواز شريف ۽ ساٿين ملڪ مان اونداهه ختم ڪيو پر کيس جيل ۾ وڌو ويو، جيڪو جيلن ۾ پيل آهي ان جو هڪ ئي ڏوهه آهي هن غريبن جي مدد ڪئي. ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته هڪ سال اڳ عوام جي ووٽ کي چِٿيو ويو، اڄ نالائق ۽ سليڪٽڊ اعظم عذاب جي صورت ۾ اسان تي مڙهيل آهي، ان جي حڪراني جو هر ڏينهن ڪارو ڏينهن آهي.ڪوئيٽا ۾ اپوزيشن جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڄ اسان ڪارو ڏينهن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، اڄوڪي تاريخ تي عوام جي ووٽ کي لتاڙيو ويو، بلوچستان جي عوام جو حق کسي 5 سئو ووٽ کڻندڙ کي مڙهيو ويو، گذريل هڪ ٻن سالن کان هر محب وطن پاڪستاني بلوچستان جي عوام جيان شاهدي ڏيندو ته پاڪستان جو هر ڏينهن ڪارو ڏينهن آهي، رڳو هي ڪارو ڏينهن ناهي، چونڊن کان اڳ عوام جي حقيقي نمائندن کي چونڊي چونڊي ميدان کان ٻاهر ڪيو ويو، انهن کي چيو ويو ته پارٽي ۽ وفاداريون تبديل ڪيو، جن غيرت جو مظاهرو ڪيو انهن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، مهانگائي جي ڪري غريب جي گهر چُلهه نٿي ٻري، ڪارخانا بند آهن، روزگار ختم ٿي ويو آهي، ٻڌايو! ڇا پاڪستان جو هر ڏينهن ڪارو ڏينهن ناهي؟ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض هڪ سال ۾ ورتو ويو آهي، ڇا هر ڏينهن ڪارو ڏينهن ناهي؟ اڄ دوائون به مهانگيون ٿي ويون آهن، خبر پئي آهي ته انسولين سميت هر دوا جي قيمت ٻيڻي ٿي وئي آهي، پوءِ ٻڌايو هر ڏينهن ڪارو ڏينهن ناهي؟ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ سردار اياز صادق چيو آهي ته عمران نيازي تي آمريڪا جي دوري ۾ 2 کان 3 چارج شيٽس لڳي چڪيون آهن جيڪي بيان هن وزيراعظم جي حيثيت سان ڏنا اهي پاڪستان کي مهانگا پئجي سگهن ٿا، اسان جي حڪومت ايندي ته عمران خان جي خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلائينداسين، نااهل حڪمرانن 10 مهينن ۾ 10 ارب ڊالر قرض ورتو آهي، صدر ٽرمپ سان هٿ ملائڻ ۽ ملاقات ڪرڻ کي ڪامياب دورو قرار ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته اسان اڳيان هي ناڪام دورو آهي، سينيٽ چيئرمين جي خلاف رٿ ۾ اسان وٽ نمبر پورا 62 يا 63 ميمبر اسان سان گڏ آهن، انهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي سنڌ جي ن ليگ جي صدر شاهه محمد شاهه جي گهر پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي خورشيد شاهه، اڳوڻو سنڌ جو گورنر محمد زبير، کئينلداس ڪوهستاني، سلمان خان، علي اڪبر گجر، شهباز شيخ، سيد منور رضا، مهيش ڪمار ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، اياز صادق چيو ته 25 جولاءِ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي ووٽ کي عزت ڏيو بدران ان جي لتاڙ ڪئي وئي هئي، ان ڏينهن ن ليگ، پ پ ، جميعت علماءِ اسلامي، جماعت اسلامي سميت سمورين پارٽين کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، رزلٽ کي روڪيو ويو، نئون آر ٽي اي سسٽم آندو ويو جنهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، هي سموريون چونڊون تڪراري بڻجي ويون، حڪومت کي 11 مهينن کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي پر اڄ به گار گند ۽ ڪنٽينر جي سياست ٿي رهي آهي، آمريڪا ۾ ويهي نواز شريف ۽ آصف زرداري کي گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي، آمريڪا ۾ ويهي عمران بيان ڏنو ته اساما پاڪستان ۾ موجود هو ۽ ايجنسين کي اها خبر هئي، ان کانسواءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سکيا ڏئي دهشتگردي ڪرائي پئي وڃي، هي اهڙيون چارج شيٽس آهن جنهن جي بنياد تي پرڏيهي طاقتون فائدو وٺي سگهن ٿيون، اسان جي حڪومت آئي ته اسان عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلائينداسين، عمران نيازي جو آمريڪا مان واپس اچڻ تي ائين استقبال ٿي رهيو آهي ڄڻ حج تان واپس آيو آهي، جڏهن ته هن آمريڪا اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن ۽ پاڪستان جي عوام جي عزت ڌوڙ ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته جيلن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، اسان سمورا اپوزيشن جا ماڻهو جيلن ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيون، عمران خان سڄي دنيا اڳيان هٿ ٽنگي رهيو آهي پر ان وٽ ڪو اهڙو منصوبو نه آهي ته هو هي قرض ڪيئن لاهيندو. ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن پ پ سميت مخالف ڌر جي سمورين پارٽين 25 جولاءِ 2018ع تي ٿيل عام چوندن کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪارو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن. ميرپور ماٿيلي، نوابشاهه، حيدرآباد، ڪنڌڪوٽ ۾ جي يو آءِ احتجاجي رليون ڪڍيون جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.  ملتان ۾ ڪچهري چوڪ تي مسلم ليگ ن، پ پ ۽ جي يو آءِ ف ٽائرن کي باهه ڏئي گو عمران گو جا نعرا هنيا. رحيم يار خان ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب سامهون مخالف ڌر جي پارٽين حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊيرا غازي خان ۾ مخالف ڌر جي پارٽين احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ٽريفڪ چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. آءِ جي اسلام آباد محمد عامر ذوالفقار اسلام آباد جي سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ امن امان برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. فيصل آباد ۾ پوليس ليگي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 200 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي. احمد پور سيال جهنگ ۾ پوليس ڇاپو هڻي مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري افتخار خان کي گرفتار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *