اپريل ۾اهم فيصلا ٿيندا، پاڪستان جو سياسي منظر ڀوائتو ٿيڻ وارو آهي: شيخ رشيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اپريل پاڪستاني سياست جي اهم فيصلن جو مهينو آهي ۽ ملڪ جا سياسي منظر ناما تمام خوفناڪ ٿيندا پيا وڃن، لاهور ميڊيا ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پاڪستان جو سياسي منظر تمام ڀوائتو ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي، هلندڙ مهيني پاڪستان جي سياست بابت فيصلا سامهون ايندا ۽ 15 اپريل کان سياست ۾ تمام گرمي اچي ويندي، شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي4 جي ڊيل واري باٿروم ۾ سڀ اگھاڙا آهن ۽ ملڪ جون سڀ سياسي پارٽيون عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ خراب طرح ناڪام ٿي ويون آهن، سندس چوڻ هو ته فوج پوئتي رهي جمهوريت کي بچائڻ چاهي ٿي ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *