اٽي، کنڊ، گيهه ۽ دال تي وڏو رليف ڏيڻ وارا آهيون: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته صحت، تعليم ۽ چار ضرورت جون بنيادي شين  اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته جعلي خبرن جي حوالي سان قانون تيار ڪري ڪابينا حوالي ڪري ڇڏيو آهي، 2018ع کان چئي رهيو آهيان ته بنيادي سياسي سڌارن کان سواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگھي، ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن. هن چيو ته صحت، تعليم ۽ چئن بنيادي شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، خيبرپختونخواهه کان پوءِ هاڻ پنجاب جو هر خاندان 10 لک رپين تائين هر سال صحت ڪارڊ ذريعي حاصل ڪري سگهندو، اهو پروگرام ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو ۽مارچ تائين سڄي پنجاب کي صحت ڪارڊ ملي ويندا. وفاقي وزير ٻڌايو ته ان گيم چينجر پروگرام ذريعي هاڻ بهترين علاج غريب طبقي جي هر فرد کي ملندو، صحت ڪارڊ اوهان پنهنجي مرضي جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا اسپتال ۾ استعمال ڪري سگھندا، رڳو سرڪاري ئي نه پرائيويٽ ڊاڪٽر ۽ اسپتال ۾ به بنا معاوضي علاج ڪرائي سگھندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *