اٽلي هٿياربند فوجن جي سربراهه جي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف سان ملاقات

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان اٽلي جي فوج جي چيف آف ڊفينس جنرل اسٽاف جنرل لاڍيو گرازيانو ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿيڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آربع تي آءِ ايس پي آر مطابق اٽلي جي فوج جي چيف آف ڊفينس، جنرل اسٽاف جنرل لاڍيو گرازيانو اربع تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي ملاقات دوران علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ سميت باهمي دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آندا ويا اٽلي جي فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف آپريشن ضرب عضب ۾ حاصل ڪاميابيون ۽ علائقائي سيڪيورٽي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *