اٽارني جنرل صاحب، توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته ميمبر تاحيات نااهل ڪڏهن ٿيندو؟ چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج جسٽس اعجاز الاحسن آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏيندي چيو ته صدر آئين جي تشريح لاءِ چيو آهي تشريح کان هيڏي هوڏي نٿو وڃي سگهجي ممڪن آهي ته ريفرنس واپس اماڻي ڇڏيون. سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل صدرتي ريفرنس تي چيف جسٽس عمر عطا بنيال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل خالد جاويد خان دليل ڏيندي چيو ته پارليامينٽ ۾عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون هونديون آهن مخصوص سيٽن وارن ميمبرن عوام کان ووٽ ناهي ورتو هوندو مخصوص سيٽن وارا ميمبر به سنڌ هائوس ۾ موجود هئا مخصوص سيٽون پارٽي پاران لسٽ تي ملن ٿيون چيف جسٽس چيو ته اوهان مطابق پارٽي کي ووٽ نه ڏيندڙ خيانت ڪن ٿا امانت ۾ خيانت ڪرڻ وڏو گناهه آهي قرآن ۾ خيانت جي سخت سزا آهي ڇا ڪوئي ميمبر به ڊڪليشن ڏيندو ته پارٽي ڊسيپلين جو پابند رهندو جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪوئي به ميمبر وزيراعظم تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري سگهي ٿو اٽارني جنرل چيو ته پارٽي ٽڪيٽ هڪ سرٽيفڪيٽ آهي جنهن تي چونڊ نشان ملي ٿو وزيراعظم ۽ اسيمبلي ميمبر جي حلف ۾ فرق آهي جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ووٽر چونڊ نشان تي ٺپو هڻي ٿو ڪنهن جي نالي تي نه پارٽي جي نشان تي اليڪشن وڙهندڙ جماعتي ڊسيپلين جا پابند هوندا آهن اٽارني جنرل چيو ته ننڍي کنڊ ۾وڏن ليڊرن جي نالن سان سياسي جماعتون اڄ به قائم آهن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وڏن اڳواڻ ليڊرز جون پارٽيون آهن پارلياماني جمهوريت ۾ پارليماني پارٽي اجلاس ٿيندا آهن اسيمبلي ميمبر رٻڙ اسٽيمپ ناهن ٿيندا پارٽي فيصلي سان متفق نه هجن ته استعيفا ٿي سگهي ٿي پارٽي اختلاف جو اهو مطلب نه آهي ته حڪومت جي خلاف وڃجي رضا رباني پارٽي ڊسيپلين تحت فوجي عدالتن جي حق ۾ ووٽ ڏنو يقين آهي ته رضا رباني نااهلي جي خوف کان ووٽ نه ڏنو هوندو جسٽس مظهرعالم پڇاڻو ڪيو ته پارٽي پاليسي سان اختلاف ڪندڙ استعيفا ڇو ڏي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته پارٽي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندڙ جماعت جي ڊسيپلين جو به پابند هوندو اهي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته هر ماڻهو کي آئين پنهنجي خيالن جي آزاداڻه اظهار جو حق ڏي ٿو ڇا خيالن جي اظهار تي سڄي ڄمار لاءِ نااهلي ٿيڻ گهرجي اٽارني جنرل چيو ته اسيمبلي ميمبر صرف چئن موقعن تي آزادي سان ووٽ نٿا ڏئي سگهن ايڊووڪيٽ جنرل طور سنڌ هائوس ۾ رهندو هو سنڌ هائوس ۾ اهڙي ڪائي ڊوائيس نه هئي جيڪا ضمير جاڳائي چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل صاحب اوهان کي ٻڌائڻو پوندو ته ميمبر تاحيات نااهل ڪڏهن ٿيندو 62 ون ايف ڪواليفڪيشن جي ڳالهه ڪري ٿو 62 ون ايف ۾ نااهلي جي ڳالهه ناهي ڪئي وئي اٽارني جنرل چيو ته حڪومتي جماعت جي ماڻهن جو سنڌ هائوس ۾ ويندي ئي ضمير جاڳي پيو جسٽس جمال خان پڇاڻو ڪيو ته وزيراعظم ملڪ جي خلاف ڪوئي فيصلو ڪري ته ڇا ڪوئي ميمبر مخالفت نٿو ڪري سگهي جسٽس منيب اختر پڇاڻو ڪيو ته ڇا آرٽيڪل 63 اي کي پٺي ڏيڻ تي آرٽيڪل 62 ون ايف لڳندو؟ آرٽيڪل 63 اي سيٽ خالي ٿيڻ جو جواز فراهم ڪري ٿو جسٽس جمال خان پڇاڻو ڪيو ته ڪوئي ميمبر ووٽ وجهڻ کان پوءِ استيعفا ڏئي ڇڏي ته ڇا ٿيندو اٽارني جنرل چيو ته انڊيا ۾ هڪ ميمبر پارٽي جي خلاف ووٽ ڏئي استيعفا ڏني هئي ڀارتي عدالتن استعيفا ڏنل ميمبر کي باغي قرار ڏنو هو. پارٽي کي پٺي ڏيڻ تي ڪنهن جي حوصلا افزائي نٿي ڪري سگهجي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته صدر آئين جي تشريح جو چيو اهي تشريح کان هيڏي هوڏي نٿو وڃي سگهجي ممڪن آهي ته ريفرنس واپس اماڻي ڇڏيون. اٽارني جنرل پاران سومر ڏينهن 2 وڳي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي خاطري کان پوءِ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي سومر تي منجهند هڪ وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *