اُتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران 34 دهشتگرد مارجي ويا، 3 جوان شهيد

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دته ختم ۾ آپريشن ضرب عضب دوران پاڪ فوج جي سرچ آپريشن ۽ فضائي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪماندڙ ۽ پرڏيهين سميت 34 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته 3 جوان شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي (آءِ ايس پي آر) طرفان آچر ڏنهن هتي جاري بيان مطابق اتر وزيرستان ايجنسي جي علائقي دته خيل ۾ هوائي حملن ۾ 37 دهشتگرد مارجي ويا جن ۾ انهن جو اهم ڪمانڊر ۽ غير ملڪي به شامل آهن. پاڪ فوج جي  سرچ آپريشن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته مقابلي ۾ 3 جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *