اي پي سي ۾ انڪوائري ڪميشن جي مخالفت حساب نه ڏيڻ جو بهانو آهي، هي قرضن جي حقيقت عوام کان لڪائڻ چاهين ٿا: فردوس اعواڻ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اي پي سي ۾ انڪوائري ڪميشن جي مخالفت حساب نه ڏيڻ جو بهانو آهي، نيشنل ڊولپمينٽ ڪائونسل کي رد ڪرڻ قومي ترقي جي عمل ۾رنڊڪ وجهڻ برابر آهي. ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اي پي سي ۾ انڪوائري ڪميشن جي مخالفت حساب نه ڏيڻ جو بهانو آهي، هي قرضن جي حقيقت عوام کان لڪائڻ چاهين ٿا، نيشنل ڊولپمينٽ ڪائونسل کي رد ڪرڻ قومي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ برابر آهي، هي نيشنل ڊوپلمينٽ نه پر رڳو پرسنل ڊولپمينٽ چاهين ٿا.  هن چيو ته اي پي سي ۾ خواهشن جي تابع پتلي تماشو هلندو رهيو، سڀني ڏسي ڇڏيو آهي ته حڪومت ڪيرائڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ هڪ موقف تي گڏ نه ٿي سگهيا آهن، مخالف ڌر جي اڳواڻن ڪرپشن لفظ سان انصاف نه ڪيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *