اي پي اين ايس جي جنريل سيڪريٽري سرمد علي جي نثار کهڙو سان ملاقات، هفتي اندر اي پي اين ايس جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙي سان اي پي اين ايس جي جنرل سيڪريٽري سرمد علي جي ملاقات، ايندڙ هفتي اي پي اين ايس جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق. تفصيل موجب اي پي اين ايس جي جنرل سيڪريٽري سرمد علي جمعي ڏينهن سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران  اي پي اين ايس جي ميمبر اخبارن جي مسئلن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اتفاق ڪيو ويو ته ايندڙ هفتي اي پي اين ايس جو اجلاس گهرايو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ادارن جي مضبوطيءَ چاهي ٿي ۽ صحافت جي سڀني ادارن کي گڏ کڻي هلنداسين ۽ ميڊيا هائوسز مان پڻ اها اميد آهي ته هو سنڌ حڪومت جو موقف بهتر نموني سان عوام آڏو آڻيندا. هن چيو ته ميڊيا جي مثبت تنقيد کي ويلڪم ڪيو ويندو . هن چيو ته اشتهارن ۾ ميرٽ سان گڏوگڏ ننڍين اخبارن جو پڻ خيال رکيو ويندو جيڪي اخبارون حقيقي طور تي شايع ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پي بي اي، اي پي اين ايس ۽ سي پي اين اي سان پڻ ملاقاتون ڪري انهن جي مسئلا معلوم ڪيا ويندا ۽ سندس مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندس. نثار احمد کهڙو چيو ته سڀني ٽي وي چينلن ۽ اخبارن جي ادارن جو پڻ دورو ڪندس ۽ صحافين سميت ادارن جي انتظاميا سان پڻ ملاقاتون ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *