اي او بي آءِ ڪيس، خريد ڪيل ملڪيتن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ آڊٽ ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ، اِي او بي آءِ پاران خريد ڪيل ملڪيتن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ آڊٽ ڪرائي مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ اِي او بي آءِ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت پاران ريمارڪس ۾ چيو ويو ته اي او بي آءِ پاران اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ملڪيتون خريد ڪيون ويون آهن. اعليٰ عدالت حڪم ڏنو ته اي او بي آءِ پاران خريد ڪيل ملڪيتن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ آڊٽ ڪرائي هڪ مهيني اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. حڪم نامي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اي او بي آءِ جي ملڪيتن جو ڪاٿو ايماندار سان لڳايو وڃي، ٻي صورت ذميوار آڊٽ ڪرڻ وارا هوندا…

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *