ايڪشن پلان تي سختي سان عمل ٿئي پيو، دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل طريقي سان عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ سخت ڪوشان آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين انهن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري رهندو، جنهن ۾ سنڌ پوليس، رينجرز ۽ ڳجهن ادان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل نويد مختار سان ملاقات دوران ڪيو جيڪو اڄ وزيراعليٰ هائوس آيو هو. ملاقات دوارن صوبي ۾ امن امان، ڏوهارين خلاف آپريشن، ملٽري ڪورٽن کي موڪليل ڪيس ۽ انهن جي پروگريس، ٻيا ڪيس موڪلڻ ۽ صفوران سانحي ۾ ملوث ڏوهارين سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. واضع رهي ته سنڌ سرڪار اپيڪس ڪميٽي جا 13 اجلاس منعقد ڪيا جن ۾ تمام اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ انهن فيصلن تي عملدرآمد کي سرڪاري سطح تي مانيٽر ڪيو پيو وڃي. ملاقات دوران پراسيڪيوشن جا معاملا به گفتگو هيٺ آيا ۽ سنڌ جي وڏي وزير ڪورڪمانڊر کي ٻڌايو ته نون پراسيڪيوٽرن جي مقرري مختلف مرحلن ۾ آهي، دهشتگردي ٽوڙ جون وڌيڪ 10 عدالتن جي قيام ۽ نوان پراسيڪيوٽرس جي مقرريءَ بعد تعطل جو شڪار ڪيسن ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ ڪيس وقت اندر مڪمل ٿيندا. وڏي وزير حيدر آباد جيل ٽوڙڻ جي سازش ناڪام ڪرڻ تي ڳجهن ادارن ۽ پاڪستان آرمي جي تعريف ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *