ايڌي سينٽر ۾ واردات معاشري جي بي حسي جي عڪاسي ڪري ٿي: عبدالستار ايڌي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مشهور سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي چيو آهي ته هو جوابدارن جو احسانمند آهي جو انهن کيس قتل نه ڪيو پر دفتر مان صرف سامان ۽ رقم کڻي ويا جڏهن ته ڌاڙو معاشري جي بي حسي جي عڪاسي ڪري ٿو هو اربع تي ايس آءِ يو ٽي ڪراچي ۾ نئين ٽرانسپلانٽ آپريشن ٿيٽر ڪمپليڪس جي افتتاهي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو عبدالستار ايڌي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايڏي سينٽر تي لڳل ڌاڙي سان کيس ڏاڍو ڏک ٿيو آهي هي واردات معاشري جي بي حسي جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ هو انهن ڏوهارين جو ٿورائتو آهي جو انهن صرف دفتر ۾ رکيل رقم ۽ ٻيو سامان کنيو ٻي صورت ۾ هو کيس قتل به ڪري سگهن پيا ان موقعي تي عبدالستار ايڌي جي گهرواري بلقيس ايڌي چيو ته ڏوهارين جيڪا رقم لٽي آهي اها سرندي وارن ڏکي انسانيت جي ڀلائي لاءِ عطيو ڪئي هئي ان لاءِ انهن کي اپيل ڪري ٿي ته رقم ۽ ٻيو ڦر ڪيل سامان واپس ڪن عبدالستار ايڌي جي پٽ فيصل ايڌي چيو ته ميٺادر ايڌي سينٽر ۾ ٿيل واقعي ۾ ڪوئي ملازم ملوث آهي يا نه ان بابت جاچ ٿي رهي آهي جڏهن ته پوليس کيس ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڦر ڪيل سامان کين واپس ملي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *