ايٿيليٽڪ بلبائوءَ اسپينش سپر فٽبال ڪپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو

بار سلونا (اسپورٽس نيوز) ايٿيليٽڪ بلبائوءَ اسپينش سپر فٽبال ڪپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو. فاتح ٽيم فيصلائتي مرحلي ۾ بارسلونا کي ايگريگيٽ اسڪور 1-5 گولن تان هارائي 31 سالن کان پوءِ پهرين ٽرافي کٽڻ جو اعزا پڻ ماڻيو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيڪنڊ ليگ ميچ 1-1 گول سان برابريءَ تي ختم ٿي، پر فرسٽ ليگ ۾ 4-0 گولن جي سرسي جي ڪري ايٿيلٽ بلبائو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. ايوينٽ جي سلسلي ۾ کيڏيل فائنل ۾ ايٿيليٽڪ بلبائو ۽ بارسلونا وچ ۾ سخت مقابلو ڏسڻ لاءِ مليو. ڪيترين ئي سخت ڪوششن باوجود ٻئي ٽيمون فيصلائتو گول ڪري نه سگھيون ۽ ميچ 1-1 سان برابريءَ تي ختم ٿي، ميچ برابر به بلبائو جي حق ۾ بهتر رهيو ۽ هُن بارسلونا جي ايگريگيٽ پوائنٽن تي 1-5 گولن تان هارائي ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز ماڻيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *