ايپڪيس ڪميٽي جو اجلاس، قومي ايڪشن پلان تي سختي سان عملدرامد ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايپڪيس ڪميٽي سنڌ ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ ڏوهارين خلاف بنا فرق جي ڪارروايون جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو،سياسي ۽ فوجي قيادت، اتفاق ڪيو آهي ته سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن اندر رهي ڪم ڪندا رهندا. ايپيڪس ڪميٽي سنڌ جو اهم اجلاس وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، گهرو وزير سهيل انورسيال،ناڻي واري وزير مراد علي شاهه،پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ،آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، گهرو سيڪريٽري، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ ۽ حساس ادارن جي آفيسرز به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ رينجزر جي اختيارن، امن امان جي صورتحال ۽ ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن، صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ، دهشتگردن، سندن سهولتڪارن ۽ مالي مدد ڪندڙن خلاف جاري ڪاررواين سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ايپيڪس ڪميٽي سنڌ جي اهم اجلاس دوران سياسي توڙي فوجي قيادت ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سمورا ادارا آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو ڪم جاري رکندا، ڏوهارين جو تعلق ڀلي ڪهڙي به جماعت سان هجي کين نه بخشيو ويندو. اجلاس ۾ دهشتگردن خلاف جاري ٽارگيٽڊ آپريشن کي منطقي انجام تي رسائڻ لاءِ ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ، ڪراچي کي ڏوهن کان مڪمل طور پاڪ ڪرڻ ۽ ڳجهن اطلاعن تي ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سياسي ۽ فوجي قيادت اهو به فيصلو ڪيو ته رينجرز کي سمورن اختيارن سميت دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو اختيار آهي، صوبي ۾ امن جي قيام لاءِ رينجرز ۽ پوليس جو اهم ڪردار آهي. ان کان اڳ اجلاس دوران صوبي ۾ قائم ديني مدرسن بابت رپورٽ پيش ڪندي انڪشاف ڪيو ويو ته 48 مدرسن جو دهشتگردن سان رابطو آهي. گهرو وزارت پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ڪل 9 هزار 5 سئو 90 مدرسا قائم آهن. رپورٽ موجب صوبائي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ 6 هزار 5 سئو 3 مدرسن مان 3 هزار مدرسا اڻ رجسٽرڊ آهن، هڪ سئو 65 غيرقانوني مدرسن کي سيل ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ قائم 48 مدرسن جو دهشتگرد تنظيمن سان رابطو ثابت ٿيو آهي. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران ڳجهن ادارن پاران به پنهنجي ڪارڪردگي بابت رپورٽس پيش ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *