ايپڪس ڪميٽي بلوچستان جو اجلاس: وزيراعظم پر امن بلوچستان پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪوئيٽا (بيورو) وزيراعظم نواز شريف ڪوئيٽا ۾ ٽن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف بلوچستان ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت پڻ ڪندا. وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتا ته ايئرپورٽ تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ ۽ ٻين صوبائي وزيرن سندن آجيان ڪئي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ڪوئيٽا آمد جي موقعي تي شهر ۾ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. وزيراعظم نواز شريف گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٽن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو،  جن ۾ زرعي يونيورسٽي، مانگي ڊيم ۽ سمنگلي روڊ فلائي اور شامل آهن. گورنر هائوس ۾ پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، گورنر بلوچستان محمد خان اچڪزئي، بلوچستان جو وڏو وزير عبدالمالڪ بلوچ، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جو بلوچستان جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرز سان تعارف پڻ ڪرايو ويو. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف پر امن بلوچستان پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ پاران ناراض بلوچ اڳواڻڻ سان ٿيل ڳالهين بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.  گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ بلوچستان اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي، وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڪور ڪمانڊر سدرن ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعا ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبي ۾ دهشتگردن خلاف جاري ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب، بلوچستان جي وڏي عبدالمالڪ بلوچ پاران ناراض بلوچ اڳواڻن سان ٿيل ڳالهين تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف پاران پر امن بلوچستان پلان جي منظوري پڻ ڏني وئي. وزيراعظم نواز شريف گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٽن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو،  جن ۾ زرعي يونيورسٽي، مانگي ڊيم ۽ سمنگلي روڊ فلائي اور شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *