اين اي246: ن ليگ جماعت اسلامي جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ جميعت علماءِ پاڪستان اين اي 246 جي ضمني چنڊن ۾ جماعت اسلامي جي اميدوار راشد نسيم جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر اسماعيل راهو مسلم ليگ هائوس ۾ حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد سان ملاقات بعد پريس بريفنگ دوران ڪيو جڏهن ته جميعت علماءِ پاڪستان جي اڳواڻ قاضي احمد نوراني ، مولانا شوڪت مغل سان گڏ اداره نور حق ۾ ملاقات بعد پريس بريفنگ دوران ڪيو . مسلم ليگ ن جي هائوس ۾ ملاقات جي موقعي تي مسلم ليگ ن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري نهال هاشمي ، سينيٽر سليم ضياءَ،  جماعت اسلامي ڪراچي جو اميدوار راشد نسيم، نائب امير جماعت اسلامي سنڌ محمد حسين محنتي ، ڪراچي جا نائب امير برجيس حمد ۽ مسلم پرويز، سيڪريٽري عبد الوهاب ، ضلعي امير منعم ظفر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان ۽ اين اي 246 جي اميدوار راشد نسيم تڪ اين اي 246 ۾ جماعت اسلامي جي اميدوار جي حمايت ڪرڻ تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ جميعت علماءِ پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان ڪراچي شهر جي تعمير ۽ ترقي ۾ پهريون به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين. هن چيو ته 23 اپريل تي ڪراچي ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ٿيندي هن چيو ته ٻنهي پارٽين جماعت اسلامي جي حمايت ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو پر امن ڪراچي ، خوشحال پاڪستان جي خواب جي ساڀيان چاهين ٿا. مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر اسماعيل راهو چيو ته اسان ڪراچي شهر ۾ خوشحالي ۽ امن جي خاطر تڪ اين اي 246 تي جماعت اسلامي جي اميدوار راشد نسيم جي مڪمل طور تي حمايت ڪيون ٿا ۽ اها حمايت صرف پريس ڪانفرنس تاين محدود نه هوندي پر راشد نسيم جي مڪمل طور تي سپورٽ ۽ ان جي چنڊ مهم ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺنداسين جڏهن ته اڄ جماعت اسلامي پاران نڪرندڙ ريلي ۾ به مسلم ليگ ن جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا هن چيو ته تڪ اين اي 246 جي عوام کي سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هو انهن ماڻهن کي ووٽ ڏين جيڪي شهر کي خوشحال ۽ پر امن بنائڻ چاني ٿا.شهر ۾ امن جي خاطر اسان کي اڳتي به گڏجي ڪري ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته اسان جو حمايت يافته جماعت اسلامي جو اميدوار راشد نسيم 23 اپريل تي تڪ 246 تان ڪاميابي ماڻيندو.قاضي احمد نوراني چيو ته جماعت اسلامي هميشه ڪراچي جي امن ۽ خوشحالي وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آَهي ، جميعت علماءِ پاڪستان ، جماعت اسلامي جي نامزد ڪيل اميدوار راشد نسيم جي حمايت جو اعلان ڪري ٿي ۽ عوام کي اپيل آهي ته 23 اپريل تي ڪراچي جي وسيع تر مفاد جي خاطر ۽ شهر ۾ امن امان جي لاءِ ( ترازو) کي ڪامياب بنائي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *