اين اي 246، پي ٽي آءِ عمران اسماعيل کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي، عزيز آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف نبيل گبول جي استعيفيٰ بعد خالي ٿيل تڪ اين اي 2 سئو 46 تي عمران اسماعيل کي ٽڪيٽ ڏيڻ ۽ 19 اپريل تي عزيز آباد ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پي ٽي آئي جي اڳواڻ ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر عارف علوي پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو، هن چيو ته  ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه عزيز آباد جي تڪ اين اي 2 سئو 46 تي ڪاميابي لاءِ تحريڪ انصاف ڪوششون تيز ڪري  ڇڏيون آهن، پي ٽي آءِ پاران ان تڪ تي عمران اسماعيل کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 19 اپريل تي پي ٽي آءِ پاران عزيز آباد ۾ئي جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عمران خان پارٽي اميدوار جي ڪاميابي لاءِڪراچي ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. هن چيو ته ڪراچي آپريشن ايم ڪيو جي خلاف نه آهي پر بدامني ڪندڙ خلاف آهي، ايم ڪيو ايم کي گهرجي ته هن آپريشن ۾ مدد ڪري، واضح رهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ نبيل گبول جي استعيفيٰ بعد سيٽ خالي ٿي هئي،جنهن تي ننڍي چونڊ 23 اپريل تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *