اين اي 226 جي چونڊ: رينجرز پولنگ اسٽيشن ۾ بائيويٽرڪ سسٽم ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 جي ننڍي چونڊ کي شفاف بڻائڻ لاءِ رينجرز سمورين پولنگ اسٽيشنن جي اندر ۽ باهر سي سي ٽي وي ڪيمرا ۽ بائيوميٽرڪ سسٽم لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. رينجرز ترجمان موجب شفاف چونڊن لاءِ رينجرز گهرو کاتي سنڌ کي خط لکيو آهي جنهن جي هڪ نقل ڊي جي نادرا سنڌ کي به موڪلي وئي آهي. خط ۾ رينجرز درخواست ڪئي آهي ته 2 ڏينهن اندر هر پولنگ اسٽيشن تي بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳايو وڃي. جڏهن ته 55 حساس عمارتن سميت سمورين پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر ڪيمرائون لڳايون وينديون. خط موجب رينجرز گهرو کاتي کان 213 پولنگ اسٽيشنز ۾ قائم ٿيندڙ 769 پولنگ بوٿن لاءِ بائيو ميٽرڪ مشين ۽ 55 حساس عمارتن سميت سمورين پولنگ بوتن لاءِ 1037 سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *