اين اي 149 ملتان جي ننڍي چونڊ ۾ عامر ڊوگر کي جاويد هاشمي تي سرسي

ملتان (بيورو) اين اي 149 جي ننڍي چونڊ جي غير سرڪاري نتيجن موجب عامر ڊوگر جاويد هاشمي تي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. عامر ڊوگر جي ڊيري تي جشن، ڀنگڙا، آتشبازي، هوائي فائرنگ ۽ مٺاهيون ورهايون ويون. ملتان مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 149 ۾ پولنگ جو عمل صبح 8 بجه کان شروع ٿيو جيڪو بغير ڪنهن وقفي جي شام بجه تائين جاري رهيو، تڪ جي 3 لک 45 هزار 998 رجسٽرد وُٽرن لاءِ 286 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون هيون، ضمني چونڊن ۾ سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي، پ پ جو ڊاڪٽر جاويد صديقي ۽ عامر ڊوگر سميت 12 اميدوارن ۾ ميدان ۾ لٿل هئا، جڏهن ته اصل مقابلو مسلم ليگ ن جي حمايت حاصل ڪندڙ جاويد هاشمي ۽ تحريڪ انصاف جي حمايت حاصل ڪندڙ آزاد اميدوار عامر ڊوگر وچ ۾ هو، پولنگ دوران ڪيترين ئي جڳهين تي عامر ڊوگر ۽ جاويد هاشمي جي حامين ۾ منهن ماري به ٿي ۽ هڪ ٻئي تي ڌانڌلي جا الزام پڻ لڳايا ويا شمس آباد پولنگ اسٽيشن تي سياسي ڪارڪن نوچ ۾ منهن ماري سبب عارضي طور تي پولنگ عمل به روڪيو ويو جڏهن ته رينجرز موقعي تي پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪندي ٻيهر پولنگ شروع ڪرائي پولنگ اسٽيشنن تان جاري ڪيل غير سرڪاري نتيجن مطابق عامر ڊوگر کي جاويد هاشمي تي برتري حاصل آهي جڏهن ته هينئر تائين پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي 190 پولنگ اسٽيشنن تي غير سرڪاري نتيجن مطابق عامر ڊوگر 36 هزار 623 جڏهن ته جاويد هاشمي 29 هزار 11 سئو ووٽ کنيا آهن عامر ڊوگر جي برتري ۾ اضافي سان گڏوگڏ تڪ ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ به جوش وڌندو پيو وڃي ۽ اتي جشن ماحول پيدا ٿي ويو آهي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صدر ۽ ملتان ۾ ضمني چونڊن جي اميدوار جاويد هاشمي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ تبديلي جو واحد رستو چونڊون ئي آهن جيتوڻيڪ هن اليڪشن جا نتيجا منهنجي حق ۾ ناهن پر عوام جي فيصلي کي قبول ڪريان ٿو، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته ڪنٽينرن ذريعي حڪومتون ناهن بدلايون وينديون ۽ اها حقيقت اڄ ثابت ٿي چڪي آهي عمران خان يا طاهر القادري وٽ به حڪومتون بدلائڻ جو نسخو بيلٽ ئي هجڻ گهرجي ڇو ته تبديلي جو واحد رستو چونڊون آهن ۽ ٻيون شيون ملڪ جي تباهي جو سبب بڻجنديون، هن چيو ته مون جيڪو چاهيو ان ۾ ڪامياب ٿيس اڄ سڀئي طاقتون ووٽ جي رستي تي اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن جڏهن ته ضمني چونڊن جا نتيجا منهنجي حق ۾ ناهن آيا پر عوام جو شڪرگذار آهيان ۽ انهن جي هر فيصلي کي قبول ڪندي مخالف اميدوار کي ڪاميابي جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جاويد هاشمي جو چوڻ هو ته ن ليگ منهنجي سڌي سنئين مدد ناهي ڪئي ۽ نه ئي مان ان جو خواهشمند هوس پر ان جي ڪارڪنن ضمني چونڊن ۾ منهنجي لاءِ ڏاڍي محنت ڪئي هن چيو ته منهنجي تڪ جي ماڻهن  شڪايت ڪئي ته اسان اوهان کي چونڊيون ٿا ۽ اوهان استعيفيٰ ڏئي ٿا ڇڏيو جنهن تي آئون پنهنجن ماڻهن کي وضاحت نٿو ڏئي سگهان ڇو ته مون اصولي فيصلو ڪيو هو ان کان علاوه ڪوبه رستو نه هو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *