اين اي 122 تي بوگس ووٽن بابت عمران خان عوام کي گمراهه ڪيو: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان اين اي هڪ سئو 22 ۾بوگس ووٽن بابت عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهي، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جي قيام ۾ به پي ٽي آءِ سربراهه ئي رڪاوٽ آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته حڪومت عمران خان جي ڪنٽينر تي لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ تيار آهي پر پي ٽي آءِ سربراهه ٻڌائي ته اهو الزامن کان ڇو ڀڄي رهيو آهي؟. هن چيو ته عمران خان اهي تڪ کولڻ جا مطالبا ڪري رهيو آهي، جن جا ڪيس اڳ ئي اليڪشن ٽربيونل ۾ هلي رهيا آهن، يا وري اهي اڪلائجي چڪا آهن. ڌانڌلين جي جاچ بابت عدالتي ڪميشن جي قيام بابت سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته حڪومت ڪڏهن ان کان انڪار ناهي ڪيو پر عمران خان پاڻ ئي جڊيشل ڪميشن جي قيام ۾ رڪاوٽ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اين اي هڪ سئو 22 تي بوگس ووٽن بابت عمران عوام کي گمراهه ڪيو پر رپورٽ سامهون اچڻ بعد سڀ ڪجهه واضح ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *