اين آئي سي وي ڊي پاران پاڪستان ۾ پھرين پيڊياٽرڪ ڪارڊيڪ اليیکٹروفيزيالوجي (ٻارن ۾ دل جي ڌڙڪن جي بيماري ) جي پروگرام شروعات

ڪراچي(پ.ر) قومي ادارھ براءِ امراض قلب ( اين ا.ئي سي وي ڊي) ملڪ ۾ پھريون پيڊياٽرڪ ڪارڊيڪ اليڪٽروفزيالوجي ( ٻارن ۾ دل جي ڌڙڪن جي بيماري) جي پروگرام جو آغاز ڪري ھڪ ٻيو وڏو قدم کنيو آھي، ڊاڪٽر محمد  محسن جن ڪيندڊا جي البرٽا يونيورسٽي مان پيڊياٽرڪ اليڪٽرو فزيالوجي ۾ 2 سال جي تربيت جي بعد اين آئي سي وي ڊي جوائن ڪيو آھي ۽ ھي پروگرام پاڪستان جو پھريون پيڊياٽرڪ اليڪٽرو فزيالوجي پروگرام آھي، جنھن جو اين آئي سي وي ڊي ۾ باقائدھ آغاز ڪيو ويو آھي، سکر جي رھواسي 8سالن جو ٻار دل جي ڌڙڪن جي بيماري ۾ مبتلا ھو جنھن جي دل جي ڌڙڪن 200 في منٽ تائين ھلي ويندي ھئي، ھن ٻار جو اين آئي سي وي ڪراچي ۾ اليڪٽروفزيالوجي اسٽڊي اينڊ ابليشن پروسيجر بلڪل مفت ڪيو ويو ۽ ھي پھريون موقعو آھي تھ پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ھي پروسيجر ڪنھن ننڍي ٻار تي ڪيو ويو جيڪو ھڪ وڏي ڪاميابي آھي. ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر محمد محسن (اسسٽنٽ پروفيسر پيڊياٽرڪ ڪارڊيڪ اليڪٽروفزيالوجي) چيو تھ ھي پروسيجر بغير ڪنھن پيچيدگي جي ڪاميابي سان سرانجام ڏنو ويو دل جا مسئلا جن ۾ دل تمام گھڻو تيز يا تمام گھڻو سست ٿي ويندو آھي، ٻآرن ۾ ھي غير معمولي نھ آھي، ماھر ڊاڪٽرز انھن ٻآرن جو علاج ھڪ مخصوص طريقڪار جي ذريعي ڪري سگھن ٿا جنھن کي اليڪٽروفزيالوجي اسٽڊي اينڊ ابليشن چيو ويندو آھي. پروفسر اعظم شفقت (ھيڊ آف اليڪٽروفزيالوجي، اين آئي سي وي ڊي) جو چوڻ ھو تھ اين آئي سي وي ڊي ملڪ ۾ دل جي ڌڙڪن جي بيماري جي علاج جي لاءِ پھرين صف جي ادارن مان ھڪ آھي، اين آئي سي وي ڊي ٽيم کي مبارڪون ڏيندي پروفيسر نديم قمر (ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر، اين آئي سي وي ڊي) چيو تھ اين آئي سي وي ڊي ملڪ ۾ پھريون پيڊياٽرڪ ڪارڊيڪ اليڪٽروفزيالوجي پروگرام شروع ڪري ھڪ ٻئي ڪاميابي ماڻي آھي، جيڪا اداري جي تمام وڏي ڪاميابي آھي، اين آئي سي وي ڊي دنيا ۾ بھترين ڪارڊيڪ اسپتال بڻجي ويو آھي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *