ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن اهم آهن، 48 ڪلاڪن اندر وڏي خوشخبري ايندي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(م.ڊ)پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن اهم آهن، 48 ڪلاڪن اندر وڏي خوشخبري ايندي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته، آصف زرداري ۽ نوازشريف سان لاڳيتو رابطي ۾ آهيان، بي اعتمادي رٿ ۽ اجلاس جِي ريڪوزيشن تي غور ڪيو پيو وڃي، حڪومتي اتحادين سان به اسان سڀ رابطي ۾ آهيون، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سو سيڪڙو يقين آھي تھ ھن ڀيري يقيني ڪامياب ٿي وينداسين

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *