ايندڙ 10 ڏينهن ۾ جواب نه ڏنو ويو ته ڀارت سان ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ جا دورازا بند ٿي ويندا: شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي سي بي جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته ايندڙ 10 ڏينهن ۾ جواب نه ڏنو ويو ته ڀارت سان ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ جا دروازا بند ٿي ويندا، انگلينڊ خلاف ون ڊي ۾ يونس خان کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو اڃا حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي، چيف سليڪٽر يو اي وڃي ٽيم انتظاميا سان مشاورت ڪندو جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو، ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق کي رٽائرمينٽ نه وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي، منهنجي خواهش آهي ته هو انگلينڊ جو دورو 2016 ۾ به پاڪستان جي نمائندگي ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن قذافي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. پاڪ ڀارت سيريز جي حوالي سان هن چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ شيوسينا جي رويي تي معافي وٺي يا نه ان ڳالهه کي ڇڏي اسان کي اڳيان ڏسڻ گهرجي، جڏهن ته ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ڀارت سيريز کيڏڻ جي حوالي سان جواب نه ڏنو ته سيريز کيڏڻ جا دروازا بند ٿي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *