ايندڙ 10 ڏينهن صوبي لاءِ نهايت اهم آهن، آرمي چيف جي واکاڻ ڪندڙ به نه بچندا: منظور وساڻ

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ پ جي اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته ايندڙ 10 ڏينهن صوبي لاءِ نهايت اهم آهن آرمي چيف جي واکاڻ ڪندڙ به احتساب جي عمل کان نه بچي سگهندا جمعي تي سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منطور وساڻ چيو ته ايندڙ 10 ڏينهن
صوبي لاءِ اهم آهن وڏن مانگر مڇن تي هٿ وجهڻ جي تياري مڪمل ڪئي ويئي آهي ڪجهه ماڻهو جيل ويندا ڪجهه باهر ويندا ۽ گهڻن کي ٻاهران آندو ويندو هن چيو ته جيڪي ماڻهو آرمي چيف جي ساراهه ڪري رهيا آهن اهي به احتساب جي عمل کان نه بچندا هن چيو ته پ پ پ به احتسابي عمل کان نه بچندي پر اسان ان لاءِ تيار آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *