ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد نه ڪرڻ جو اعلان، مذهبي ۽ نظرياتي پارٽين جي اتحاد سان گڏ چونڊون ۾ حصو وٺنداسين: سراج الحق

لنڊن(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف سان اتحاد نه ڪنداسين، مذهبي ۽ نظرياتي پارٽين جي اتحاد سان گڏوگڏ ايندڙ چونڊون ۾ حصو وٺنداسين. لنڊن ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته ايم ايم اي  کي ٻيهر فعال ڪرڻ ۾ ڪي ڳجهن هٿن جو عمل ناهي، ملڪ ۾ قيادت جو فقدار آهي ۽ حقيقي جمهوري پسند حڪومت جي ضرورت آهي، ماڻهن جي تبديلي جو تماشو گهڻو ٿيو، هاڻ نظام جي تبديلي جي ضرورت آهي. سراج الحق چيو ته ماڊل ٽائون انسانيت سوز واقعو هو،  طاهر القادري سان گڏ آهيون، هن چيو ته بروقت چونڊون ۽ احتساب جا حامي آهيون، احتساب کان سواءِ نظام جي تبديلي ممڪن ناهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 31 ڊسمبر تائين فاٽا ڪي پي ۾ ضم نه ٿيو ته پوءِ اڳتي لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪنداسين، ڌرڻي کان سواءِ حڪومت جي ڪن جوئن ئي نٿي چري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *