ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ بهتر پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا: عمران خان

اسلام آباد/هري پور (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته 5 جون تي عالمي يوم ماحوليات جي ميزباني پاڪستان ڪري رهيو آهي جيڪو وڏو اعزاز آهي ۽ ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن مان آهي جيڪي سنجيدگي سان گلوبل وارمنگ جا اثر گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. خيبرپختونخواهه جي ضلعي هري پور ۾ بلين ٽري سونامي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته اسان اِهي ڪوششون دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ نه پر ان ڪري رهي آهي ڇو ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ بهتر پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلين جو سڀ کان وڏو نقصان ايندڙ نسلن کي ان ڪري ٿيندو جو پاڪستان موسمياتي تبديلين مان سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن مان هڪ آهي. وزير اعظم چيو ته اسان جي درياهن ۾ سڀ کان وڌيڪ گليشئرز مان ايندو آهي ۽ عالمي گرمي پد وڌڻ سان گليشيئرز انهيءَ تيزي سان رِجندا رهيا ته وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به اڳتي نه سوچيو ۽ پنهنجي شهرن کي به نقصان رسايو پر هاڻ اسان چين جي مثال مان ڏٺو ته جيڪڏهن قوم هڪ فيصلو ڪري ته شيون واپس تبديل ٿي سگهن ٿيون.  ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جن ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي، اهي جلدي يا دير سان تباهه ٿي ويندا آهن. مراڪش جي شهر رباط ۾ عالمي سيرت ڪانفرنس سان ورچوئل خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڻ سڳورن صه مضبوط معاشري جو بنياد رکيو، اسلام جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري مسلمان ڪاميابي ۽ وڃايل عظمت حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مديني جي رياست ٻن بنيادي اصولن تي قائم ٿي، هڪ قانون سڀني لاءِ برابر هوندو ۽ ٻيو فلاحي رياست هوندي، اڳ ۾ قومون ان ڪري تباهه ٿيون، ڇو ته امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ قانون هو، جن ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي، اهي جلدي يا دير سان تباهه ٿي ويندا آهن، جن ملڪن اصولن تي عمل ڪيو، اهي ترقي ڪري ويا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *