ايندڙ فلم”او ڪي جانو“ ۾ بلڪل مختلف نظر اينديس:شرڌا ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور چيو آهي ته هوءَ پنهنجي ايندڙ فلم”او ڪي جانو“ ۾ بلڪل مختلف نظر ايندي، هڪ انٽرويو ۾ شرڌا ڪپور چيو ته ”اوڪي جانو“ ۾ هوءَ اديتيا رائي ڪپور سان جوڙي ٺاهي رهي آهي،اسان ٻنهي کي پهرين به هڪ ٻئي سان ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي، هن چيو ته فلم ۾ منهنجو ڪردار مزيدار آهي ۽ مان ان مان ڀرپور مزو ماڻڻ چاهيان ٿي، سندس چوڻ هو ته هدايتڪار شاد ڇڏهن  ان فلم لاءِ مون سان رابطو ڪيو ته مان شروع ۾ تيار نه هيس پر جڏهن مان ڪهاڻي ڏٺي ته لڳو ته اها فلم منهنجي ۽ اديتيا جي لاءِ ئي ٺهي آهي، شرڌا چيو ته مان ڪنهن به فلم لاءِ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان وڏي جذباتي هوندي آهيان ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ان تي غور ڪندي آهيان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *