ايندڙ ايشز کانپوءِ عهدو ڇڏي ڏيندس: آسٽريلوي ڪوچ ڊيرن ليهمن

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ڊيرن ليهمن چيو آهي ته مان 2019ع جي ايشز سيريز کانپوءِ پنهنجي معاهدي ۾ واڌ نه وٺندي عهدو ڇڏي ڏيندس. هڪ انٽرويو ۾ ڊيرن ليهمن چيو ته 2019ع ۾ انگلينڊ ۾ شيڊيول ايشز سيريز کانپوءِ مان ٽيم جي ڪوچنگ ڇڏي ڏيندس، ڇو ته ان لاءِ وڌ کان وڌ ڏيڻ سميت ڏاڍو سفر به ڪرڻو پوندو آهي. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ڪوچنگ مان ڏاڍو لطف اندوز ٿيس ۽ اهو تجربو شاندار رهيو. واضح رهي ته ڊيرن ليهمن 2013ع جي ايشز سيريز کانپوءِ مڪي آرٿر جي جاءِ تي ڪوچنگ جي ذميواري سنڀالي هئي. سندس ڪوچنگ ۾ آسٽريلوي ٽيم 2015ع جو ورلڊ ڪپ کٽڻ سان گڏوگڏ هوم گرائونڊ تي ٻه ايشز سيريزون پنهنجي نالي ڪيون پر انگلينڊ ۾ کيڏيل ٻنهي ايشز سيريزن ۾ ڪينگروز کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *