ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اختلاف ختم ۽ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا: منظور وساڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي جيلن واري  وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلاف ختم ۽ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا. پر برف پگهرڻ ۾ ڪجهه وقت ته لڳندو. اسان جون پارٽيون 1988 کان گڏ هلي رهيون آهن. اسان سڀ ڀائر آهيون. شهري ٻهراڙي جو فرق نه هجڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم ۾ تمام گهڻا باشعور ماڻهو به آهن. خواهش رهي آهي ته ثالثي جو ڪردار ادا ڪريان، بهتري ان ۾ آهي ته ٻئي پارٽيون گڏجي ڪم ڪن. شفاف ۽ آزاد بلدياتي چونڊن لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ٻئي متفق آهن. سنڌ حڪومت صوبي جي بلدياتي ادارن کي گهربل فنڊز ۽ گهربل وسيلا فراهم ڪندي. صوبائي وزير منظور وساڻ اهڙن خيالن جو اظهار اڄ پنهنجي آفيس ۾ ملاقات لاءِ ايندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پيشنگوئي ڪري ڇڏي هئي ته طاهر القادري جو ڌرڻو ختم ٿي ويندو. هاڻ جلد ئي عمران خان جو ڌرڻو به ختم ٿي ويندو. صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو ته عمران خان ۽ طاهر القادري ۾ به اختلاف آهن. عمران خان جلسن ۾ وڃڻ کان پهريان طاهر القادري کي اعتماد ۾ نه ورتو. هاڻ طاهر القادري به ڌرڻا ختم ڪرڻ تي عمران کي اعتماد ۾ نه ورتو. هن چيو ته عمران خان ۽ طاهر القادري کي چونڊن جو انتظار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جڏهن شير جي شڪار جو وقت آيو ته اهو ڪم پاڪستان پيپلز پارٽي ئي اڪيلي سر ڪندي. هن پيشنگوئي ڪئي ته ايندڙ چونڊن ۾ پوري ملڪ ۾ اصل مقابلو پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *