ايم ڪيو ايم ۽ اين پي ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر نسرين جليل ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ طالبان ڦهلجي رهيا آهن، الطاف حسين جي جان کي خطري سبب هو پاڪستان نٿو اچي سگهي، سومر تي سينيٽ ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي هن چيو ته ڪراچي ۾ طالبان ڦهلجندا پيا وڃن، وزيراعظم کي خط به لکيو آهي، ڪراچي ۾ نه صرف پشتون پر اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن کي به ماريو پيو وڃي، ڪراچي ۾ فوري فوجي آپريشن ڪيو وڃي،نسرين جليل چيو ته رينجرز ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي 21 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو، الطاف حسين جي جان کي خطرو آهي تنهنڪري هو پاڪستان نٿو اچي سگهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي قتل کانپوءِ اي اين پي اسان ڏانهن اشارو ڪيو آهي، اسان به پنهنجن ڪارڪنن جا جنازا کڻي رهيا آهيون، طالبان اسان جي 3 ايم پي ايز کي شهيد ۽ زخمي ڪري چڪا آهن، اسان کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو. اي اين پي جي سينيٽر شاهي سيد چيو ته ڪراچي ۾ اسان جي ست هزار ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي. واقعا رياست خلاف بغاوت آهن. گهرو وزير سيڪيورٽي فراهم نٿو ڪري سگهي ته واقعي جي ذميواري قبول ڪري. ٽارگيٽ ڪلنگ روڪڻ لاءِ فوجي آپريشن ڪيو ويو. افراسياب خٽڪ چيو ته فيڊريشن پنجابي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي جو نالو آهي. اي اين پي ڪارڪنن جي قتل خلاف ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *