ايم ڪيو ايم ڀارت کي خط لکي ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڀارت کي خط لکي ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي، اهڙي حرڪت ڪندڙن کي هو پاڪستاني ئي نٿو سمجهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائينديخواجه آصف چيو ته ملڪ جون حالتون ڪهڙيون به هجن دشمن جو دروازو کڙڪائڻ نه گهرجي. هن چيو ته ڀارت سان لاڳاپن جي صورتحال سڄي دنيا جي سامهون آهي، ايم ڪيو ايم ڀارت کي خط لکي ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو، جنهن سبب هو کين پاڪستاني نٿو سمجهي. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجا آصف چيو ته پارليامينٽ جو جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ايوان ۾ موجود سموريون پارٽيون ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ناڪاري روين سبب ملڪ ۽ نظام کي نقصان پهچندو آهي، تحريڪ انصاف احتجاج ۽ عدليه جا هربا استعمال ڪري چڪي آهي، هاڻي پي ٽي آءِ کي عوام جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. خواجه آصف چيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت کي سياسي بصرت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ تلقين ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ پنهنجي رويي تي معافي ورتي ته سٺا اثر پوندا. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ پي ٽي آءِ خلاف رٿ واپس وٺڻ لاءِ ڪا به شرط ناهي رکي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *