ايم ڪيو ايم پير مظهرالحق خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحدهه قومي موومينٽ پير مظهر الحق جي حيدر آباد ۾ يونيورسٽي نه ٺاهڻ واري بيان خلاف ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميش جي اختيارن بابت سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. متحده قومي موومينٽ جي سيد سردار احمد ۽ ٻين ميمبرن پاران سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايل التوا واري رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پير مظهر جو بيان تعصب تي ٻڌل آهي ۽ پير مظهر اهڙو بيان ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ جي ورهاست چاهي ٿو. متحده جي ميمبرن پاران جمع ڪرائي رٿ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارن ۽ ان اداري بابت سندن اعتراضن کي به شامل ڪيو ويو آهي. رٿ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ التوا واري رٿ تي بحث ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *