ايم ڪيو ايم پاران جماعت اسلامي تي پابندي جي گهر، پاڪ فوج خلاف ڳالهائيندڙن جي گرفتاري جو مطالبو

لنڊن(م.ڊ) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين حڪومت کان اپيل ڪئي آهي ته جماعت اسلامي تي پابندي لڳائي وڃي، هن اهو به چيو ته فوج کي خراب چوندڙ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو وڃي، الطاف حسين وڌيڪ چيو ته سراج الحق اسلام جي نالي تي قوم کي بيوقوف نه بڻائي، 50 سيڪڙو کان وڌيڪ طالبان ۽ القاعده جا ماڻهو جماعت اسلامي جي اڳواڻن جي گهرن مان گرفتار ٿيا، هن اهو به چيو ته پاڪستان ٺهڻ وقت مذهبي جماعتن نئين ملڪ جي مخالفت ڪئي هئي، انهن ئي جماعتن قائد اعظم خلاف ڳالهيون ڪيون، پاڪستان کي ڪافرستان ۽ قائد اعظم کي ڪافر اعظم چيو هو، قرآن ۽ حديثن سڀ کان پهرين پنهنجي حفاظت جو حڪم ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *