ايم ڪيو ايم پاران آزاد ڪشمير حڪومت کان به ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) متحده قومي موومينٽ، سنڌ حڪومت کان عليحدگي بعد آزاد ڪشمير سرڪار کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، فاروق ستار جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري طرفان الطاف حسين خلاف استعمال ڪيل ٻوليءَ کانپوءِ پ پ سان گڏ هلڻ جو ڪو به جواز ناهي، هنن جمهوريت لاءِ 7 سال غير جمهوري رويا برداشت ڪيا،پر هاڻي صبر جي انتها ٿي چڪي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته آزاد ڪشمير سرڪار کان ڌار ٿيڻ لاءِ ميمبرن جون استعيفائون وزيراعظم ڏانهن اماڻيون ويون آهن. هـُن چيو ته سنڌ ۽ آزاد ڪشمير حڪومتن کان ڌار ٿيڻ وارو متحده جو فيصلو قطعي آهي ۽ هاڻي واپسيءَ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري عمر جو لحاظ پاسيرو رکي الطاف حسين خلاف اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي، پ پ چيئرمين پنهنجي سياست جي شروعات ئي ٽڪراءَ تي رکي آهي. هن چيو ته متحده جمهوريت جي مضبوطيءَ لاءِ 7 سالن تائين پ پ جا غير جمهوري رويا برداشت ڪيا پر هاڻي گهڻو ٿي ويو. سندس چوڻ هو ته ڀٽي جو وارث ڪو زرداري نه پر ڀٽو ئي ٿي سگهي ٿو، هنن ڪيترائي ڀيرا بلاول جي بيانن کي برداشت ڪيو پاڻي صبر جواب ڏئي چڪو آهي. فاروق ستار الزام هنيو ته پ پ سرڪار لينڊ مافيا،ڪرپشن ۽ ڀتا مافيا جي سرپرستي ڪري رهي آهي، ايم ڪيو ايم اهڙي ڪنهن به عمل ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ نه ٿي ڏئي سگهي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *