ايم ڪيو ايم وفد جي ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم وفد ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪري مڪاني ادارن جي مخصوص سيٽس تي جلد چونڊون ڪرائي هائوس مڪمل ڪرڻ  سميت  ايڊمنسٽريٽرز کي بدلين، مقررين ۽ ترقياتي فنڊس جاري ڪرڻ کان روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار ۽ محمد حسين  صوبائي اليڪشن ڪمشنر تنوير ذڪي سان ملاقات ڪري مڪاني ادارن جي رهيل مخصوص سيٽن تي جلد چونڊون ڪرائي هائوس مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. متحدهه وفد ايڊمنسٽريٽرز کي بدلين، مقررين ۽ ترقياتي فنڊس جاري ڪرڻ کان روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته مڪاني چونڊن  کانپوءِ اقتدار جي منتقلي وارو مرحلو آهي پر ايڊمنسٽريٽر اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري رهيا آهن . صوبائي اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات بعد خواجه اظهار چيو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر مڪاني چونڊن جا رهيل مرحلا جلد مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ايڊمنسٽريٽرز کي مقررين ۽ بدلين کان روڪڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *