ايم ڪيو ايم وفد جي وڏي وزير سان ملاقات، مڪاني چونڊن جي حوالي سان شڪايتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم وفد ڪراچي ۾ وڏي وزير سان ملاقات ڪري مڪاني چونڊن جي حوالي سان شڪايتون ڪيون، متحده اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته حڪومت ايم ڪيو ايم حقيقي جي سرپرستي ڪري رهي آهي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته حڪومت ڪنهن به گروپ جي سرپرستي نه پئي ڪري، ڏوهاري ڪهڙي به گروپ جو هجي ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. ايم ڪيو ايم وفد سيد سردار احمد ۽ خواجه اظهار الحسن جي اڳواڻي ۾ وزير اعليٰ هائوس پهچي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئ ايم ڪيو ايم وفد پاران وڏي وزير کي شڪايت ڪئي وئي ته مختلف علائقن ۾ سندن اميدوارن کي هيسايو پيو وڃي، ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران ايم ڪيو ايم وفد کي اسيمبلين مان استعفائون واپس وٺڻ تي واڌايون ڏنيون ويون ۽ خاطري ڪرائي وئي ته حڪومت ڪنهن به گروپ جي سرپرستي نه ڪري رهي آهي، ڏوهاري ڪير به هجي ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وفد ۾ مڪاني چونڊن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون ۽ مستقبل ۾ پڻ ملاقاتون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *